لياري ۾ ڇهه ماڙ عمارت جي ڇت ڪري پئي، ٻه عورتون فوت، ٻار سميت 3 زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ 6 ماڙ عمارت جي ڇِت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه عورتون فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيون. واقعو لياري ۾ کڏا مارڪيٽ ڀرسان پيش آيو، حاجي ابراهيم منزل نالي 6 ماڙ عمارت جي ڇهين ماڙ تي ڇت جو هڪ حصو پنجين ماڙ تي اچي ڪِريو، جنهن جي نتيجي ۾ پنجين ماڙ جو فلور به چوٿين ماڙ تي ڪري پيو. حادثي ۾ ٻه عورتون فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيون، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون اتي پهچي ويون ۽ لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس ٻڌايو ته فوت ٿيندڙ ٻئي عورتون ڀيڻون آهن ۽ زخمي ٿيندڙ  انهن جون ڌيئرون آهن.  ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب، حادثو عمارت جي پنجين يا ڇهين منزل تي پيش آيو، جتي اوچتو ڇت ڪري پئي. ڇت ڪرڻ جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.علائقي واسين واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر جي خطرناڪ عمارتن جو سروي ڪيو وڃي، ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کان بچي سگهجي. مڪاني کاتي واري وزير سعيد غني واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته واقعي واري هنڌ پهچي ريسڪيو آپريشن کي تيز ڪيو وڃي. سعيد غني چيو ته عمارت زبون حال هئي. واقعي جي وقت عمارت ۾ مرمتي ڪم هلي رهيو هو، جنهن دوران ڇت ڪري پئي، ۽ ان سان ٻه عورتون فوت ٿي ويون، جيڪو اسان لاءِ وڏي پريشاني جو سبب آهي. هن چيو ته وڏو وزير ۽ ٻيا وزير روزاني بنياد تي انهن معاملن کي ڏسي رهيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ واري اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمارتن جي فهرست ٻيهر ڏسجي، ڇو ته شڪ هو ته ڪجهه عمارتن کي بدديانتيءَ جي بنياد تي زبون قرار ڏنو ويو آهي. اسان چاهيون ٿا ته شفافيت برقرار رهي. سعيد غني ٻڌايو ته هر ضلعي ۾ ڊي سي جي سربراهيءَ ۾ ڪاميٽيون ٺاهي ويون آهن، جن ۾ نجي ماهر به شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته صبح جو به چيف سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ اجلاس ٿيو، اسان متاثرن کي جلد کان جلد رليف ڏيڻ چاهيون ٿا. فوري طور تي نوان گهر مهيا ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري هوٽلن کي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ته جيئن خاندانن کي اتي عارضي طور رهايو وڃي. سعيد غني تسليم ڪيو ته ايس بي سي اي جي قانوني دائري اندر رهندي اسين غير قانوني تعميرون روڪڻ ۾ ناڪام رهياسين، پر هاڻ قانون ۾ تبديليون آڻڻ پيا وڃون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.