عمران جي زندگي خطري ۾آهي،سپريم ڪورٽ وينداسين: عليمه خان

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان جي زندگي خطري ۾ آهي، ان لاءِ اسين سپريم ڪورٽ وينداسين، راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته اسان جي ڀاءُ ۽ ڀاڻيجي کي ناجائز طور قيد ۾ رکيو ويو آهي، اسان جو ڌيان بيگناهه قيدين جي آزادي تي آهي،اڊيالا جيل انتظاميه چيو آهي ته عمران خان مڪمل صحتمند آهي ۽ انهن جا سڀ اهم عضوا باقاعدي جانچيا وڃن ٿا،عليمه خان ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان پارٽي لاءِ سخت پيغام موڪليو آهي ته "ذاتي ويڙهون ختم ڪريو ۽ تحريڪ هلائڻ تي ڌيان ڏيو”. عمران خان ڏکي حالتن ۾ آهي، پارٽي کي هن بابت ڳالهه ڪرڻ گهرجي،هن الزام هنيو ته عمران خان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ بشريٰ بي بي خلاف ڪارروائيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته عمران خان چوي ٿو ته "مذاڪرات صرف قوم جي مفاد لاءِ ڪندس، پاڻ لاءِ ڪا ڊيل نه ڪندس،عليمه خان چيو ته عمران خان کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو آهي، ٽي وي ۽ اخبارون بند ڪيون ويون آهن، جيل جو سپرنٽنڊنٽ ڪوڙو آهي، منهنجو ڀاءُ ڪوڙو ناهي،هن چيو ته مريم نواز عمران خان تي ظلم ڪرائڻ لاءِ اهو سپرنٽنڊنٽ موڪليو آهي. عليمه خان چيو ته اسين هي معاملو سپريم ڪورٽ وٺي وينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.