سنڌ جي مرضي کان سواءِ وفاق پاران ڊي آءِ جي مقرر، ارڙهين ترميم تي حملو؟

اوٽاوا/ڪراچي( حنيف دوامي)سنڌ ۾ نئين مقرر ٿيل ڊي آءِ جي شوڪت کٽياڻ بابت ڄاڻ ملي آهي ته هن کي سنڌ حڪومت جي مرضي کان بغير سنڌ ۾ موڪليو ويو،اها بدلي نه رڳو غيرقانوني آهي پر 18هين آئيني ترميم تي سڌو حملو پڻ آهي،رپورٽن موجب، شروعاتي طور الزام هو ته اها بدلي مبينا طور تي هڪ ڊي فيڪٽو وڏي وزير جي چوڻ تي ٿي پر شگر ملون رکندڙ ان شخصيت ترديد ڪئي آهي ته هو ته ان ڊي آءِ جي کي سڃاڻي ئي نٿو پر هاڻ خبر پئي آهي ته ان جي پويان سنڌ حڪومت جي هڪ  سينئر وزير (ٻئي ڊي فيڪٽو وڏي وزير) جو هٿ آهي، جيڪو مبينا طور تي سنڌ جو وڏو وزير بڻجڻ جي به خواهش رکي ٿو،صوبائي حڪومت جي اهم عهدن تي مقرر ڪيترين ئي  شخصيتن ان مقرري جي مخالفت ڪئي  آهي۽ انهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاق طرفان بنا مشوري جي  اهڙا آفيسر سنڌ ۾ موڪليا ويندا، ته اهو عمل سنڌ جي اختيارن ۾ سڌي مداخلت ۽ 18هين ترميم جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت ان مقرري کي صوبائي خودمختياري تي حملو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻڌايو ته جيڪڏهن اها روايت پئجي وئي ته پوءِ ته آئنده ڊي آءِ جي ته ڇا ايڊيشنل آءِ جي ۽ آءِ جي به سنڌ جي مرضي کانسواءِ مقرر ڪيا ويندا، رپورٽن مطابق شوڪت کٽياڻ هڪ شخصيت جي چونڊ تڪ واري علائقي جو رهواسي آهي ۽ سندس ووٽر به آهي ،ان ئي شخصيت ڊي آءِ جي جي پروموشن ۽ سنڌ ۾ پوسٽنگ لاءِ وفاق ۾ لابنگ ڪئي هئي، اهو ڪم سنڌ حڪومت کان ڪرائڻ بدران شارٽ ڪٽ جو استعمال ڪندي هن ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار سان رابطو ڪيو،اسحاق ڊار موجوده حڪومت ۾ "ڊي فئڪٽو” وزيراعظم طور مشهور آهي،ڊپٽي وزيراعظم پاران سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي حڪم ڏنو ويو ته شوڪت کٽياڻ  کي سنڌ موڪليو وڃي، جيڪو بعد ۾ “اڻ ڪوٺيل مهمان” بڻجي سنڌ پهچي ويو، ذريعن موجب سنڌ حڪومت  شوڪت کٽياڻ کي ترقي جا تمغا ڏئي فوٽو سيشن ته ڪرايو پر کيس پوسٽنگ نه ڏني،ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڊي آءِ جي کي پوسٽنگ ڏني وئي ته پوءِ اهو ارڙهين ترميم جي خاتمي جو بنياد بڻجي ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻي ڊي آءِ جي شوڪت کٽياڻ  کي وفاق واپس موڪلڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، خميس17 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.