سنڌ پوليس ۾ 19 اهلڪار ٻين صوبن ۽ جعلي ڊوميسائل تي ڀرتي، ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) پي اي سي اجلاس ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪي پي ڪي، پنجاب سميت ٻين صوبن جو ڊوميسائيل رکندڙن سميت جعلي ڊوميسائيل تي 19 پوليس اهلڪار ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته پوليس اختيارين پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ پڻ ٻين صوبن جو ڊوميسائيل رکندڙ 4 ڄڻن ۽ جعلي ڊوميسائيل تي 15 ماڻهن جي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس اختيارين ٻين صوبن جي ڊوميسائيل ۽ جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪارن کي نوڪريءَ تان هٽائڻ بدران صرف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته پي اي سي ٻين صوبن جي ڊوميسائيل ۽ جعلي ڊوميسائيل ذريعي سنڌ پوليس ۾ نوڪريون حاصل ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن خرم ڪريم سومرو، طاحه احمد سميت گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري، سنڌ جي ايڊيشنل آءِ جي مظفر شيخ، ڊي آءِ جي فنانس تنوير اوڍو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه ۽ مختلف ڊويزن جي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ پوليس کاتي جي سال 2020ع ۽ 2021ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ سنڌ آڊٽ پيرا تي اعتراض اٿاريو ته ڪي پي ڪي، فاٽا، پنجاب، بلوچستان ۽ اسلام آباد جو سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ سنڌ پوليس جي مختلف آفيسن مان 17.405 ملين روپيا پگهارون کڻي رهيا آهن جنهن تي ڊي آءِ جي فنانس تنوير اوڍو پي اي سي کي ٻڌايو ته اِهي ڀرتيون 1979ع کان وٺي 2015ع تائين ڪيون ويون ۽ سنڌ پوليس هنن ڀرتي ٿيل 196 پوليس اهلڪارن جي انڪوائري ڪئي آهي جنهن ۾ 196 پوليس اهلڪارن مان 4 اهلڪارن جو ڊوميسائيل ٻين صوبن جو ثابت ٿيو آهي جڏهن ته جعلي ڊوميسائيل تي 15 اهلڪارن جي ڀرتي ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن. ڊي آءِ جي فنانس پي اي سي کي وڌيڪ ٻڌايو ته 5 اهلڪارن جا ڊوميسائيل موجود ئي ناهن ڇاڪاڻ ته هنن جي ڀرتي 40 سال اڳ ٿي هئي جن مان 4 رٽائر ٿي چڪا آهن ۽ هڪ اهلڪار 2 مهينا اڳ استعيفا ڏني آهي جڏهن ته 13 اهلڪارن جا ڊوميسائل ڪراچيءَ جي ڊپٽي ڪمشنرن وٽ تصديق جي مرحلي ۾ آهن، ڪميٽي جي ميمبر طاحه احمد چيو آهي ته جعلي ڊوميسائيل ۽ ٻين صوبن جي ڊوميسائيل تي ڀرتي ٿيڻ سنڌ صوبي جي ماڻهن سان زيادتي آهي. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون. هن پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته جن اهلڪارن جا ڊوميسائيل ٻين صوبن جا آهي ۽ جيڪي جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتي ٿيا انهن کي نوڪريءَ تان ڊسمس ڪيو ويو آهي يا نه؟ جنهن تي ڊي آءِ جي فنانس تنوير اوڍو پي اي سي کي ٻڌايو ته ٻين صوبن جي ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ سميت جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتي ٿيل اهلڪارن جي خلاف کاتي جاتي ڪاروائي شروع ڪري انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جيڪو پروسيجر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کين نوڪريءَ تان ڊسمس ڪيو ويندو. ڪميٽي جي ميمبر خرم ڪريم پڇاڻو ڪيو ته جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتي ٿيل ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهي ڏوهن جي سرگرمين ۾ ملوث آهن انهن خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟ جنهن تي ڊي آءِ جي فنانس چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نشاندهيءَ لاءِ نادرا ڪردار ادا ڪري ته پوءِ سنڌ پوليس انهن جي خلاف ڪاروائي لاءِ تيار آهي. پي اي سي سنڌ پوليس جي اختيارين کي ٻين صوبن جي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل سميت جعلي ڊوميسائيل ذريعي سنڌ پوليس ۾ نوڪريون حاصل ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي اي سي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچيءَ ۽ سندس ماتحت آفيسن جي گاڏين لاءِ 85 ملين روپين جي پيٽرول جي استعمال بابت انڪوائريءَ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.