سنڌ جو تاريخي ماڳ ڀنڀور بااثرن جي قبضن سبب سوڙهو ٿي ويو

ڀنڀور(رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) لينڊ مافيا طاقت جي زور تي سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي اصل ايراضي جي ماپ روڪرائي ڇڏي، مقامي ڪامورا بيوس بڻيل، سڄاڻ ڌرين ۾ ڳڻتي جي لھر پکڙيل،تاريخي ماڳ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو، ان حوالي سان آرڪيالاجي کاتي جي اسسٽنٽ ڪيوريٽر ارشد احمد جتوئي عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو تھ 1917 دوران برٽش دور ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳ جو جڏھن وجود رکيو ويو. تڏھن ڀنڀور جي 600 ايڪڙ سسئي جو ٽڪر جي نالي سان بنياد رکيو ويو هو، ھن وقت تاريخي ماڳ ڀنڀور کي روينيو کاتي ڀڳڙن جي مٺ تي کپائي ڇڏيو آهي، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي بااثرن روينيو جي مدد سان ڪڪڙن جا فارم، فارم ھائوس، لوڻ کاڻ ۽ مڇي جي تلائن سميت زرعي زمين آباد ڪري تاريخي ماڳ کي مڪمل طور تي سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سبب هن تاريخي ماڳ جون نشانيون مٽجڻ جو خطرو وڌي ويو آھي، وس وارا توڙي آرڪيالاجي کاتو فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي هن تاريخي ماڳ کي بچائڻ جا اپاءُ وٺي، ٻئي پاسي اڳوڻو آرڪيالاجي فيڊرل ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر طاھر سعيد ٻڌايو ته اسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو پاران تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ماپ رکيل هئي، جنهن کانپوءِ تاريخي ماڳ مافيا کان خالي ڪرائڻ هو، ان کان اڳ تاريخي ماڳ جي ڀرسان زمين جي دعويدار ماپ خلاف درخواست ڏئي ڇڏي. جنهن سبب روينيو کي پابند ڪيو ويو ته جيستائين ڪورٽ پاران حڪم نٿا اچن، تيستائين ماپ نه ڪئي ويندي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو راشد چنا ٻڌايو ته 14 تاريخ تي ڀنڀور جي زمينن تي قبضا ڪندڙ کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ اڳوڻي لوڻ کاڻ هاڻوڪي الڪرم جينگا پاران هاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر ورتو ويو آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ آرڪيالوجي ڊپارنمينٽ ڊي سي ٺٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر ساڪرو کي ڌر بڻائي 29 جولائي تي طلب ڪيو ويو آهي، ان کانپوءِ عدالت ۾ تاريخي ماڳ جا سروي ڪاغذ پيش ڪري تاريخي ماڳ جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويندو.

ڀنڀور جي ايراضي 600 مان گهٽجي 307 ايڪڙ ٿي وئي؟!

ڀنڀور: عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڀنڀور ميوزيم جي انچارچ سليم پليجو ٻڌايو ته سنڌ جو تاريخي ماڳ ڀنڀور ٢١٠٠ سو سال پراڻو آهي، هي ماڳ سنڌ جو بندر گاھ پڻ رهيو آهي، ان جي پهرين کوٽائي 1958 برٽشدور ۾ ٿي، 1917 جڏهن ان جو بنياد پيو، تڏهن ان جي ايراضي لڳ ڀڳ 600 ايڪڙ ڏيکاري وئي هئي، 2007 جي وڳوڙن کانپوءِ هتان جي روينيو جي انتظاميا پاران 307 ايڪڙ زمين ڏيکاري وئي آهي، ٻي زمين جو کاتو غائب ڪيو ويو، رهيل زمين تي به بااثرن جا قبضا آهي.

بينظير ڀٽو جي شهادت بعد روينيو رڪارڊ سڙي وڃڻ جو سبب ڄاڻائي قبضا ڪيا ويا: رهواسي

ڀنڀور: سماج سڌارڪ  اڳواڻ فقير نبي بخش ڪلمتي ٻڌايو ته سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ورثي سان 2001 کان روينيو جيمدد سان لينڊ مافيا سوين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي وئي، 2007 ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ روينيو رڪارڊ ساڙي وڃڻ جو جواز ڄاڻائي غير قانوني طور تي سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي زمينن تي زرعي زمينون، ڪڪڙن جا فارم، مڇين جا تلاءَ، لوڻ جي ڪارخانن سميت مختلف نالن سان قبضا ڪري غير قانوني پلاٽنگ ڪئي وئي آهي، مشتاق ڀنڀرو، علي مصطفي پنهور ٻڌايو ته ايجنٽن بروڪرن ڌرتي ڌڻين جو گهيرو تنگ ڪري تاريخي ماڳ جي  زمينن جا ڪوڙا کاتا به ٺھرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن، جيڪو اسان جو وجود به اسان لاءِ سواليا نشان آهي. ھنن  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ، بلال ڀٽو زرداري کي اپيل ڪندي چيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي قديمي تاريخي مقامن کي بچايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.