رائونتي ويجهو ڌاڙيل ٻن ڳوٺاڻن تي تشدد بعد هڪ ڄڻي کي اغوا ڪري ويا

رائونتي(رپورٽ :برڪت علي گھنڃو )  رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ھٿياربند ڪمند جي فصل کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ستل ٻن ڄڻن تي تشدد بعد هڪ ڄڻي کي اغوا ڪري ويا. مغوي جي وارثن تصديق ڪندي چيو ته ھٿياربند ڪمند جي فصل تي ستل ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو جنھن کان پوءِ منور علي چاچڙ کي تشدد ڪڻ بعد رستي ۾ ڇڏي عباس عرف عباسو ولد سردار ڪانڃڙو کي اغوا ڪري کڻي ويا جن جو پيرو رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ لھي ويو . ڪچي ۾ پاڻي اچي وڃڻ سبب پوليس واپس ٿي وئي، جڏهن ته مغوي جي گھر ڀاتين م بيچيني ۽ روڄ راڙو متل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.