اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي وزير دفاع خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ افغان مهاجرن جون سرگرميون غير قانونيآهن، انهن ملڪ جي معيشت ۽ ٽرانسپورٽ تي قبضي جو شڪل اختيار ڪئي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اهي پنهنجي وطن واپس وڃن،افغان مهاجرن جي واپس وڃڻ بابت ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ايران، پاڪستان جي مقابلي ۾ گذريل هڪ مهيني دوران پنج ڀيرا وڌيڪ افغان مهاجر واپس موڪليا آهن،هن چيو ته افغانستان جو ايران سان بارڊر اسان جي سرحد کان مختلف آهي، ايران مان افغانن جي واپسي مشڪل آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تمام ڊگهي آهي، جتان مسلسل مهاجر اچي رهيا آهن،وفاقي وزير چيو ته جيڪي افغان پاڪستان ۾ قانوني طور تي موجود آهن، انهن جي مهمان نوازي ڪرڻ گهرجي، پر اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته مهمان صرف ڪجهه ڏينهن لاءِ هوندو آهي، مستقل نه، پاڪستان ۾ افغانن جي غيرقانوني موجودگي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.