ريحام خان پاران نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گھرواري ريحام خان به سياست ۾ انٽري ڪري ڇڏي، ريحام خان پاران ملڪي سطح جي نئين پارٽي ٺاھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ريحام خان ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئون "پاڪستان ريپبلڪ پارٽي” ٺاھيان ٿي جيڪو حڪمرانن جو پيڇو ڪندي ۽ عوام جو حقيقي آواز بڻبي، ھن چيو ته ھڪ اھڙي تحريڪ سان گڏ قدم کڻي رھي آھيان جنھن سان پارليامينٽ ۾ چھرا بدلائي ڏيکاريندس، اڄڪلھ اسيمبلين ۾ 5 خاندان ويٺل آھن، ھاڻ صرف اھو نظريو وڃي رھيو آھي ته مونکي منسٽر بڻايو وڃي ۽ آئون ميرٽ تي ڪم ڪيان، چاھيان ٿي ته ماڻھو به ميرٽ تي ڪم ڪن، بجيٽ آئي آھي جنھن خلاف واپاري احتجاج ڪري رھيا آھن، کنڊ جي قيمت جي ڪنھن کي خبر ڪونھي، مافيا ڪير آھي، ايف بي آر انھن کي پڪڙ ۾ آڻي، اڄڪلھ وڏيرا ھارين جي نمائندگي ڪري رھيا آھن، عام واھپي جي شين تي واپارين جو ڪنٽرول آھي، ريحام خان پريس ڪانفرنس کانپوءِ پريس ڪلب ٻاھريان مطالبن جي مڃتا لاءِ بک ھڙتال ڪئمپ قائم ڪري ويٺل ميوزڪ ٽيچرن کان ملاقات ڪئي ھمدردي جو اظھار پڻ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.