ذلفي بخاري اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪم ڪري پيو:روبينه خان

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڀيڻ روبينه خان پارٽي اڳواڻ ذلفي بخاري تي سخت تنقيد ڪندي انهن تي سياسي نااهلي، غير مؤثر سفارتڪاري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سهاري اڳواڻ بڻجڻ جي ڪوشش جا الزام لڳايا آهن.روبينه خان چيو ته ذلفي بخاري کي اسٽيبلشمينٽ پاران پي ٽي آءِ جو متفقه اڳواڻ بڻائڻ جي منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي، جڏهن ته هو ڪيترن مهينن تائين منظر تان غائب رهيو، هاڻ اوچتو سامهون اچي ‘ويزن’ جي دعوائن سان عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي – ڇا اهڙو ڪو ڌوڪيباز شخص پي ٽي آءِ کي رستو ڏيکاريندو؟روبينه خان وڌيڪ چيو تهذلفي بخاري جي حيثيت عالمي مشير جي هئي، پر هن صرف بي اثر ۽ پراڻا بيان ڏنا، جن ۾ ڪا به ٺوس ڳالهه شامل نه هئي ٻئي پاسي ذلفي بخاري روبينه خان جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.