ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ تيز برسات کانپوءِ مختلف علائقن ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ جهڙي صورتحال جوويجهو جائزو ورتو ۽ ميئر حيدرآباد سان رابطو ڪري نيڪاليءَ جي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي، وڏي وزير پاڻي جي تڪڙي نڪاسي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، برسات کان پوءِ حيسڪو جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ نيڪال وارا پمپنگ اسٽيشن عارضي طور تي بند ٿي ويا ۽ نيڪال جو عمل متاثر ٿيو، وڏي وزير توانائي واري وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي حيسڪو انتظاميه سان رابطو ڪري پمپنگ اسٽيشنن جي بجلي بحال ڪرائي وڃي، مراد علي شاهه عوام جي تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ سڀني اهم روڊن کي جلد کان جلد آمدرفت لاءِ قابل بڻائڻ تي زور ڏنو. هن ضلعي انتظاميا، بلدياتي ادارن، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ، ٽريفڪ پوليس ۽ ريسڪيو ادارن سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وڏي وزير زور ڏنو ته عوام جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.