شاهپور چاڪر لڳ فائرنگ ۾ زخمي پيءُ پٽ علاج لاءِ تڙپندي فوت

شاهپورچاڪر(ن ع آ) شاهپورچاڪر جي الهيار بس اسٽاپ تي فائرنگ جي واقعي ۾ ڳوٺ علي دوست عمراڻي جا رهواسي 55 سالن جوصوبو خان عمراڻي ۽ 19 سالن جو سندس پٽ احمد خان عمراڻي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شاهپورچاڪر جي رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي ڊاڪٽر موجود نه هئڻ ۽ ايمبولينس جي کوٽ سبب زخمي ڪافي دير تائين تڙپندا رهيا،آخرڪار شاهپورچاڪر پوليس جي موبائيل ذريعي ٻنهي کي نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي پيء ۽ پٽ فوت ٿي ويا. ذريعن مطابق فائرنگ جو هي واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو ٻڌايو پيو وڃي،واقعي کانپوءِ فوتي جي ڀاءُ معشوق عمراڻي جي فرياد تي شاهپورچاڪر ٿاڻي تي 4 جوابدارن، اميد علي عمراڻي، دريا خان عمراڻي، زاهد عمراڻي ۽ نور حسن عرف ڪالو عمراڻي خلاف قتل جي دفعي 302 تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.