ڪراچي(رپورٽر) مڪاني کاتي واري ترجمان سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت لياري سانحي جي متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪندي، سانحي ۾ فوتين جي وارثن کي ڏهه 10 لک رپيا امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته متاثر خاندانن کي 3 مهينن تائين گهر جي مسواڙ ادا ڪئي پئي وڃي، لياري ۾ فوتين جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انهن سڀني متاثرن جي مستقل بحالي لاءِ ٺهيل ڪميٽي جلد ئي لائحه عمل طئي ڪندي ۽ انهن جي مستقل رهائش جو بندوبست ڪيو ويندو، ان موقعي تي جان بحق ٿيل ماڻهن جي وارثن صوبائي وزير کي ٻڌايو ته هن وقت سڀئي متاثر ماڻهو پنهنجي طور تي مٽن مائٽن وٽ رهائش اختيار ڪري ويٺل ۾ آهن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.