حيدرآباد جي ميئرشپ هڪ شخصيت جي پٽ جي حوالي ٿيڻ واري؟

ڪراچي/اوٽاوا(حنيف دوامي)سنڌ جي سينئر وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي وچ ۾ ٿيل ڊرامائي ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن سنڌ حڪومت هڪ وڏي اُٿل پُٿل جو شڪار آهي، سڄي ڪابينا تبديل ٿيڻ واري آهي. ڪابينا ۽ مشيرن جا نالا طئي ٿي چڪا آهن، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته وڏي وزير کي ان عمل ۾ شامل ئي نه ڪيو ويو آهي.ڪيترن ئي نون ماڻهن کي وزير يا مشير بڻايو پيو وڃي ۽ ڪجهه پراڻن وزيرن جون وزارتون تبديل ٿيڻ واريون آهن پر وڏي وزير جي اعتراضن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي. اهو سمورو هوم ورڪ مڪمل ٿي چڪو آهي، ۽ ڪنهن به وقت اعلان ٿي سگهي ٿو.ان اعلان کان اڳ ناصر حسين شاهه کي سڀ ڪم ڇڏي اسلام آباد وڃڻو پيو، جتي هن صدر زرداري سان ڊگهي ملاقات ڪئي. سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ناصر شاهه پاڻ پنهنجي مرضي سان ويو هو؟ يا کيس آصف زرداري طرفان گهرايو ويو؟ ان ملاقات جي ٽائمنگ انتهائي اهم سمجهي پئي وڃي.ان کانسواءِ خبرون هلي رهيون آهن خبرون ته هڪ شخصيت جو پٽ، حيدرآباد جو نئون ميئر بڻجڻ وارو آهي. موجوده ميئر، ڪاشف شورو کي هٽائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي،اهم شخصيت جي پٽ کي شروعاتي طور ميئر بڻائي، اڳتي هلي کيس ايم اين اي يا ايم پي اي چونڊڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي.هي سڄو پلان خاموشي سان تيار ٿي رهيو آهي، جنهن سان ڪاشف شورو جي موڪل يقيني آهي. سياسي طور تي هڪ شخصيت جي خاندان کي حيدرآباد ۾ مضبوط ڪرڻ جي حڪمت عملي لڳي پئي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو 15 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.