ڪراچي چيمبر کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز پاران به هڙتال جو اعلان

ڪراچي/پشاور(رپورٽر+م ڊ) ڪراچي چيمبر کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز به ڦيٿو جام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي گڊز ڪيئرئير ايسوسيئيشن جي سربراهه چيو آهي ته جيستائين ڪراچي چيمبر جا مطالبا پورا نٿا ٿين، تيستائين ڦيٿو جام هڙتال جاري رهندي. ملڪ جي سڀني گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشنن 19 جولاءِ تي ملڪ گير ڦيٿو جام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي گڊز ڪيئرئير ايسوسيئيشن جي صدر ملڪ شير خان چيو آهي ته ٽرانسپورٽ برادري واپارين سان گڏ آهي، 19 جولاءِ تي ملڪ اندر ڪٿي به ڪا به سپلاءِ يا گاڏي هلندي نظر نه ايندي. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ ملڪ جي مختلف ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشنز جي صدورن، چيمبر جي صدر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي، فنانس بل ۾ سيلز ايڪٽ جي شقن 37A ۽ 37B جي خلاف هڙتال جي حمايت ڪئي. ٻئي پاسي سرحد چيمبر آف ڪامرس جي صدر فضل مقيم خان به 19 جولاءِ جي احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جا نوان ٽيڪس ڪنهن به صورت قبول ناهن، ظلماڻن قانونن خلاف 19 جولاءِ تي خيبر پختونخوا جا واپاري ڀرپور شرڪت ڪندا.

  1. ڊفينس تشدد ڪيس: سلمان فاروقي خلاف ڪيس ختم

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ڊفينس ۾ نوجوان تي تشدد واري ڪيس ۾ جوابدار سلمان فاروقي خلاف ڪيس ختم ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران گزري پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته متاثر نوجوان ڌيرج عرف ڌن راج لکت ۾ بيان ڏنو آهي ته هو جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي نٿو چاهي، ۽ نه ئي هن يا سندس ڀيڻ سان ڪا بدتميزي ٿي. پوليس موجب، فريادي جي حلفي بيان جي بنياد تي موتمار ڌمڪي ۽ ٻين الزامن جو خاتمو ڪيو ويو آهي. عدالت پوليس جي رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته گذريل مهيني خيابانِ اتحاد ڊفينس ۾ ڪار سوار سلمان فاروقي موٽرسائيڪل سوار نوجوان تي سندس ڀينرن جي سامهون تشدد ڪيو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي.

  1. ٽنڊو حيدر ڀرسان مزدا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي ٻھراڙي واري علائقي ۾ حادثي ۾ ٻه موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويا، ٽنڊو حيدر ڀرسان تيز رفتار مزدا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه ڄڻا 45 سالن جو سھيل احمد پٽ حاجي ھادي ڪوري ۽ غلام محمد ڪوري سخت زخمي ٿي پيا، حادثي وقت ڊرائيور مزدا ڪاھي فرار ٿي ويو، حادثي کانپوءِ ٻنهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ٻنھي ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو، ٻنھي جا لاش سول اسپتال پھچايا ويا جتان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيا ويا، حادثي جو شڪار ٿيل ٻئي ڄڻا ٽنڊو حيدر واري علائقي جا رھاڪو ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.