ھندو برادري عدم تحفظ ۽ ٻٽي عذاب ۾ آھي: ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ سان سي پي او آفيس ۾ ملاقات ڪئي، وفد سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال، خاص طور تي لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ خراب حالتن تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، ڪاشف سعيد شيخ چيو ته بدامني، ڀتا خوريءَ ۽ ڌاڙيل راڄ جي وڌندڙ آزار ڪري شريف شھري لڏپلاڻ تي مجبور آھن خاص طور تي ھندو برادري عدم تحفظ ۽ ٻٽي عذاب ۾ آھي، اقليتي برادري جي اڪثريت پنھنجو ڪاروبار بند ۽ اباڻا گھر ڇڏي وئي آھي جنھن جي ڪري اتان جي ڪاروبار معيشت ۽ زراعت کي ڪاپاري وارو ڌڪ لڳو آھي. ٻئي پاسي قبيلائي جھيڙن به معمول جي زندگي مفلوج ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ملاقات ڪندڙ وفد کي يقين ڏياريو ته هو ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندا، جماعت اسلامي وفد غلام نبي ميمڻ سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.