ڄامشورو ۾ جهيڙو، پيرسن قتل، 8 ڄڻا زخمي، لاش کي گهٽا ڏئي تذليل

ڄامشورو (رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو) ڄامشورو ۾ جمالي برادري ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جهيڙي ۾ پيرسن قتل، راهگيرن سوڌو 8 ڄڻا زخمي، اسپتال ۾ ٻيهر جهيڙو، لاش کي مخالف ڌر جي ماڻهن پارانگهٽا ڏئي تذليل ڪئي وئي، تفصيلي خبر موجب ڄامشورو شهر جي مک چوڪ سيوهڻ بس اسٽاپ تي پوليس چوڪي سامهون جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺين، پٿرن ۽ سرين جو استعمال ڪندي فائرنگ پڻ ڪئي وئي، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب 60 ورهين جو علي گل جمالي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ۽ رستي تي بيٺل ماڻهن سوڌو 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ حسن، محمد علي، اعجاز، خان، دادلو، رڪشا ڊرائيور شوڪت رند ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪيو، زخمي لمس اسپتال پهچڻ تي ٻنهي ڌرين ۾ پوليس جي موجودگي ۾ٻيهر ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، اسپتال جي عملي ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ پئي جهيڙي کي ٽاريو، جهيڙي دوران هڪ ڌر جي ماڻهن پاران پوليس جي موجودگي ۾ پيرسن جي لاش کي گهليندي گهٽا ڏنا ويا جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڌيڪ خونريزي جي خدشي سبب پوليس زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، جڏهن ته ڄامشورو پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب قتل واقعي کانپوءِ ايس ايس پي ڄامشورو جي هدايتن تي مانجهند پوليس آمري پل وٽ ناڪابندي ڪري نواب شاهه فرار ٿيندڙ ٻن جوابدارن علي مراد ۽ علي نواز جمالي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان سان گڏ ڄامشورو شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي ٻنهي ڌرين جا هڪ ڊزن کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.