جمهوري پاڪستان آمريڪا جي مفاد ۾ آهي: ڪانگريس ميمبر

ڊيلاس (م ڊ) آمريڪي ڪانگريس ميمبر مارڪ ويسي چيو آهي ته هڪ جمهوري پاڪستان نه رڳو آمريڪا پر سموري دنيا جي مفاد ۾ آهي، شفاف چونڊون ۽ عوامي راءِ جو احترام ئي مضبوط مستقبل جي ضمانت آهي. ڊيلس، ٽيڪساس ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس فار ڪميونٽي سروسز ۽ ڊاڪٽرز فار ڊيموڪريسي جي ڀائيواري سان سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ اهم سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، احتجاج کي دٻائڻ، عدالتي عمل ۾ مداخلت ۽ سياسي انتقام کان پاسو ڪيو وڃي. هن پاڪستان ۾ انساني حقن، جمهوري قدرن جي حمايت تي زور ڏنو. صحافي وجاهت سعيد پليٽ فارم اوورسيز پاڪستانين جي اتحاد کي اهم ضرورت قرار ڏنو. شهاز گل ووٽ جي تقدس کي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اينڪر ۽ تجزيي نگار معيد پيرزادا چيو تنظيم جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي ۽ گڏوگڏ چيو ته رڳو ظاهري تقريبون ڪافي ناهن. ڊاڪٽر نثار شاهد سياسي شعور بيدار ڪرڻ تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.