ڪراچي (ارباب چانڊيو) صدر آصف علي زرداري وڃي ناهي رهيو پر اچي رهيو آهي، صدر آصف علي زرداري تيستائين صدر رهندو جيستائينپيپلزپارٽي جو ڪو به اڳواڻ مثال طور بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم طور حلف نه کڻي وٺي. صدر زرداري خلاف خبرون ڪنٽرولڊ هيون. هاڻي صدر آصف علي زرداري هن سموري سياسي صورتحال جو ڀرپور فائدو وٺي رهيو آهي. جيستائين عمران خان جي آر يا پار جو ڪو فيصلو نٿو ٿئي تيستائين سگهاريون ڌريون ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي بابت ڪو به وڏو فيصلو نه ڪنديون. بلاول ڀٽو زرداري هن وقت آمريڪا ۾ آهي جتي اهم ملاقاتون ڪندو، ضرور ان ۾ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي منشا به شامل هوندي. اهو غور ڪرڻ جوڳو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري هن ڀيري اعلانيل طور تي آمريڪا ناهي ويو. بلاول جي سفارتي محاذ تي اڳتي وڌڻ جو اثر پاڪستان تي پوندو. ان صورتحال سبب ڪجهه ماڻهن کي بيچيني آهي. زبردستي ڪئي وڃي ته ٻي ڳالهه آهي پر ڳالهيون ٿين ته صدر زرداري کان کٽڻ ڏکيو ئي نه پر ناممڪن آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڳالهين ذريعي ئي آمريڪا پهتو آهي. آمريڪا ۾ بلاول پاڪستان ۽ پنهنجي لاءِ ٻنهي لاءِ ڪجهه ڪري سگهندو. اهو ڪراچي ۾ ٻن وڏن جي ملاقات جو تسلسل آهي. ٿي سگهي ٿو ته هو 26 تاريخ تي لنڊن ۾ هجي ڇو ته پ پ جا ڪجهه اڳواڻ به لنڊن ۾ هوندا. اهي به ڪنهن سبب جي ڪري ويندا. بلاول آگسٽ جي پهرئين يا ٻئي هفتي ڏيهه پهچندو ۽ ان کانپوءِ فيصلا ٿيندا. پيپلزپارٽي سياسي حوالي سان هن وقت هارايل ناهي، سياسي محاذ تي پ پ هڪ پير اڳتي وڌي رهي آهي. صدر زرداري ايوان صدر ۾ ويهي گيم ڪري رهيو آهي، هارائي ناهي رهيو. اهو چوڻ ته پيپلزپارٽي 2 آگسٽ تائين وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندي، اهو به غلط ٿيندو ڇو ته بلاول پاڪستان ۾ ئي ناهي ته ڪابينا جو حصو به نه بڻجندو.