لياري ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي جا جوابدار جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ جي عدالت ۾ لياري جي علائقي بغدادي ۾ عمارت ڪري پوڻ سبب 27 ماڻهن جي فوت ۽ 4 جي زخمي ٿيڻ واري واقعي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس گرفتار ڪيل ايس بي سي اي جي آفيسرن سميت ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته هڪ ٻئي بلڊر تاج محمد کي به گرفتار ڪري پيش ڪيو ويو. عدالت پوليس جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي سڀني جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ جاچ آفيسر کان ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ٽن ڏينهن جي رمانڊ دوران ڇا رڪوري ٿي، جنهن تي جواب مليو ته ڪا به رڪوري نه ٿي سگهي. ڪيس ۾ 14 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن ۾ زرغام حيدر، عرفان حيدر نقوي، اشفاق حسين، محمد جليس صديقي، سيد فهيم مرتضیٰ، عاصم علي خان، سيد ذوالفقار علي شاهه، فهيم احمد ۽ عمارت جو مالڪ رحيم بخش خاصخيلي شامل آهن. جوابدارن جي وڪيلن پوليس جي رمانڊ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي عدالت جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.