رياستي ادارا پنهنجين ناڪامين جي ذميواري عوام تي نه وجهن: فضل الرحمان

چارسدهھ (م ڊ) جمعيت علما اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته رياستي ادارا پنهنجين ناڪامين جي ذميواري عوام تي نه وجهن، رياستي ادارا دهشت گردي جي خاتمي بابت سنجيده ناهن، چارسده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چئن ڏهاڪن کان دهشت گردي جا واقعا رياستي ادارن کي ڪاوڙ ڏياري رهيا آهن، چئن ڪلاڪن ۾ ڀارت کي لپيٽڻ واري اسان جي رياست ايتري ڪمزور ناهي، سوال اهو اٿي رهيو آهي ته چئن ڏهاڪن کان جاري دهشت گردي تي ضابطو ڇو نه آندو ويو آهي، رياستي ادارا دهشت گردي جي خاتمي بابت سنجيده ناهن، هن چيو ته رياستي ادارا عوام تي دهشت گردن کي پناهه ڏيڻ جو الزام لڳائي رهيا آهن، جڏهن ته عوام سوات کان وٺي وزيرستان تائين ڪجهه ڪلاڪن ۾ علائقا خالي ڪيا، اڄ به اهي ماڻهو پنهنجي ئي ملڪ ۾ مهاجر بڻيل آهن، سيڪيورٽي ادارا ٻيهر عوام کي علائقا خالي ڪرڻ جو چئي رهيا آهن، رياستي ادارا پنهنجين ناڪامين جي ذميواري عوام تي نه وجهن، ادارا ٽنگ تي ٽنگ رکي عوام تي ڏاڍ ڏيکاري رهيا آهن، انهن جو لهجو به ڏاڍ وارو هوندو آهي، ادارا پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي پنهنجو امتحان وٺن، امن امان ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي ذميواري رياست تي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي ته شهرين جي حفاظت ڪن، مدرسن واري بل بابت هن چيو ته مدرسا بل تي حڪومتي اتحاد جي بدنيتِي ظاهر ٿي چڪي آهي، صدر مملڪت مدرسن آرڊيننس ايڪٽ تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، مدرسن آرڊيننس کي واڌ ڏني پئي وڃي پر قانون سازي نه پئي ڪئي وڃي، ترميمي بل بابت حڪومت جا ارادا صحيح ناهن، بل بابت فيصلو وفاق المدارس ۽ تنظيمات المدارس ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.