سنڌي آئيويٽا جو ڏهاڙو

تحرير: ياسر قاضي

ٻه ڏينهن اڳ، 13 جولاءِ تي ”سنڌي آئيويٽا جو ڏهاڙو“ ملهايو ويو. اِهو اُهو تاريخي ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن 172 ورهه اڳ سنڌيءَ جي 52 اکرن وارِي موجوده پٽيءَ (الف ب) کي سنڌ ۾ سرڪاري طور نافذ ڪري، ان کي سنڌ جي اسڪولن ۾ پڙهائڻ لازمي قرار ڏنو ويو هو. جامع سنڌي لغت مطابق ”آئيويٽا“ لفظ جي معنيٰ آهي: لپيءَ جي اکرن جي سِٽَ، الف، ب جا اکرَ، الف ب جِي پَٽي، الفباءِ، الفابيٽ يا وَرڻ مالا.

1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي کانپوءِ، انتظامي ڪمن لاءِ مقامي ٻوليءَ کي اهميت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انگريزن جي ڪاهه وقت سنڌ جي سرڪاري ٻولي فارسي هئي، پر برطانوي حڪمرانن 1848ع ۾ سنڌيءَ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو، ته جيئن حڪومتي حڪمن ۽ قانونن کي عام ماڻهو آسانيءَ سان سمجهي سگهن. ھن فيصلي جو مقصد عام ماڻھن سان سڌي رابطي کي آسان بڻائڻ ۽ انتظامي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ھو.

برطانوي سرڪار 13 جولاءِ 1853ع تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي رسم الخط اختيار ڪرڻ جي منظوري ڏني. سنڌي ٻوليءَ لاءِ موجوده رسم الخط اختيار ڪرڻ جي حوالي سان، سنڌ جي تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر، مسٽر ’بِي. ايڇ. ايلس‘ (B.H. Ellis) جي نگرانيءَ ۾ 1852ع ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جو مقصد سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ معياري رسم الخط جوڙڻ هو. هيءَ ڪميٽي سنڌ جي مختلف ٻوليءَ جي ماهرن، عالمن ۽ تعليمدانن تي مشتمل هئي. ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ (1) راءِ بهادر نارائڻ جڳن ناٿ ويديا (2) خانبهادر مرزا صادق علي بيگ (3) ديوان منشي پرڀداس رامچنداڻي (4) ديوان اُڌارام ٿانور داس ميرچنداڻي (5) منشي ديوان ننديرام ميراڻي (6) ديوان آنندرام رامچنداڻي (7) ميان محمّد حيدرآبادي (8) قاضي غلام علي (9) ميان منشي غلام حسين ٺٽوي ۽ (10) مِيران محمّد شاهه اوّل شامل هئا.

ان وقت تائين سنڌ ۾ سنڌيءَ جا مختلف رسم الخط رائج هئا، جهڙوڪ: ديوناگري، گجراتي، سيوهاڻي، شڪارپوري ۽ عربي لپيون وغيره. برطانوي سرڪار سنڌي ٻوليءَ لاءِ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ڏاهريءَ (1601ع ــ 1693ع) جو ترتيب ڏنل فارسي ــ عربي رسم الخط چونڊيو ۽ ان ۾ ڪجھه تبديليون تجويز ڪيون. هن ڪميٽيءَ جي 10 مهينن جي لڳاتار ڪوششن سان عربي رسم الخط ۾ تبديليون آڻي، سنڌي ٻوليءَ لاءِ 52 اکرن تي مشتمل هڪ نئون رسم الخط تيار ڪيو ويو، جيڪو سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي سفارش ۽ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي پڪي منظوريءَ کانپوءِ 13 جولاءِ 1853ع کان رائج ٿيو. هن رسم الخط جي منظوريءَ وارو اهو قدم انتظامي ۽ تعليمي مقصدن لاءِ رسم الخط کي معياري بڻائڻ لاءِ کنيو ويو ته جيئن سڀ هڪ جهڙي الفابيٽ استعمال ڪن. ان کانپوءِ تعليمي مقصدن لاءِ فارسي، اردو، مرهٽي ۽ گجراتي ٻولين مان ڪتابن جا ترجما ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري تعليمي مواد تيار ڪيو ويو. اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي وڃڻ لڳي، جنهن سان عام ماڻھو به پڙھڻ لکڻ لڳا ۽ خواندگيءَ جي شرح ۾ واضح طور واڌارو ٿيو.

ھن قدم کانپوءِ سرڪاري ملازمن لاءِ سنڌي سکڻ لازمي قرار ڏنو ويو ۽ اسڪولن ۾ سنڌيءَ ۾ تعليم شروع ڪئي وئي. برطانوي دؤر ۾ ئي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڇپائيءَ جا جديد طريقا متعارف ٿيا، جن سان ڪتابن جي اشاعت وڌي ۽ علم عام ٿيو. 1849ع ۾ ’ڪئپٽن جارج اسٽيڪ‘ سنڌي گرامر جو پهريون ڪتاب لکيو. جڏهن ته ان کان 23 سال پوءِ 1872ع ۾ جرمن اسڪالر ’ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ‘ پڻ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ ٻيو شاندار گرامر جو ڪتاب ڏنو. مزي جي ڳالهه ته سنڌي گرامر جا اهي ٻئي ڪتاب انگريزيءَ ۾ هئا، جن کي تازو ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرايو آهي. انهن ٻنهي ڪتابن جي وچ ۾ جيڪو هڪ ٻيو وڏو ڪم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ڪيو، اهو هو ’شاهه سائينءَ جي گنجَ‘ جي اشاعتَ. جيڪو هن 1866ع ۾ جرمنيءَ ۾ سنڌي پريس لڳرائي ڇپرايو. هي شاهه جي رسالي جو پهريون ڇاپي نسخو بڻيو.

سنڌي آئيويٽا جي نرالي جوڙجڪ جو ذڪر ڪجي ته ان ۾ ’الف‘، ’و‘ ۽ ’ي‘، 3 ’علت اکر‘ (Vowe1s) آهن. باقي 49 اکرَ ’حروفِ صحيح‘ آهن. اسانجي موجوده آئيويٽا ۾ 6 اکرَ (آواز) نج سنڌي ٻوليءَ جا آهن، جيڪي اسان جهڙو لکت جو سرشتو رکندڙ ٻئي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ موجود ناهن. جيڪي آهن: ’ٻ‘، ’ڄ‘، ’ڃ‘، ’ڏ‘، ’ڳ‘ ۽ ’ڱ‘. انهن مان 4 آوازَ ’چُوسڻا آوازَ‘ (Implosive Sounds) آهن. هِي اُهي ’در انفجاري آوازَ‘ آهن، جن کي اُچارڻ مهل هوا کي وات جي اندر چُوسڻو پوي ٿو. اهي آوازَ / اکرَ آهن: ’ٻ‘، ’ڄ‘،’ڏ‘ ۽ ’ڳ‘.

سنڌي آئيويٽا جو مختلف ٻولين جي حروفِ تهجيءَ سان موازنو ڪبو ته عربيءَ جي 28 اکرن منجھان 27، فارسيءَ جي 32 اکرن مان 29، جڏهن ته اردوءَ جي 38 منجھان 30 اکر ان ئي صورت ۾ سنڌي آئيويٽا ۾ شامل آهن. سنڌي ۽ اردو آئيويٽا ۾ ڪل 13 اکر اهڙا آهن، جن جا آواز بنهه ساڳيا آهن، جڏهن ته انهن جي لکڻ جُون شڪليون ڌار ڌار آهن. سنڌي آئيويٽا جي سمورن اکرن ۾ ڪل 72 ٽٻڪا (نقطا) آهن. هن ۾ 34 اکرَ ٽٻڪن وارا (منقوطه) آهن، جڏهن ته 18 اکر بنا نقطن وارا (غير منقوطه) آهن. اسانجي الف ب ۾ 20 اکرن کي مٿان، ۽ 9 اکرن کي هيٺان ٽٻڪا اچن ٿا. جڏهن ته 5 اکر اهڙا آهن، جن کي پيٽَ ۾ نقطا اچن ٿا. جن ۾ ’ج‘، ’ڄ‘، ’ڃ‘، ’چ‘ ۽ ’ڇ‘ اچي وڃن ٿا. اسان جي ورڻ ــ مالها ۾ هڪ منفرد اکر ’ڻ‘ اهڙو آهي، جنهن جي مٿان ’ڪلنگي‘ اچي ٿي، جيڪا اردوءَ ۾ ان جي ٻن حرفن جي مٿان ايندي آهي. انگريزي الفابيٽ جي ابتڙ سنڌي آئيويٽا ۾ انفرادي شڪلين وارن اکرن سان گڏوگڏ ڪن اکرن جا ڪُٽنبَ به آهن. ان ڪٽنب ۾ اهي اکر شامل آهن، جن جُون شڪليون هڪجهڙيون آهن. انهن ۾ ’ب‘، ’ج‘، ’د‘، ’ر‘، ’س‘، ’ص‘، ’ط‘، ’ع‘، ’ف‘، ’ک‘ ۽ ’ن‘ جا خاندانَ شامل آهن. اکرن جي لکت جي بُڻ بڻيادَ ۾ جاندارن جي شڪلين منجھان ارتقا پذير ٿيڻ جي دليلن منجھان هڪ اهو به سمجھه ۾ اچي ٿو ته اسانجي الف ب ۾ ’ج‘ جي خاندان وارا اکر ڪنهن اڏامندڙ پکيءَ ۽ ’گ‘ جي ڪٽنب جا اکرَ گھوڙي يا گڏهه جي منڍيءَ جي چِٽَ مان ارتقا وٺي جڙيل لڳن ٿا. ساڳئيءَ طرح ’ي‘ يا ’ڪ‘ جي بناوت ڪنهن بدڪَ جي شبيهه مان متاثر ٿيل لڳي ٿي.

اڄ کان اڍائي ٽي ڏهاڪا اڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب موجوده سنڌي آئيويٽا ۾ ڪجھه اضافا تجويز ڪيا هئا. بلوچ صاحب ڪن اکرن کي ملائي نوان ’مرڪب اکر‘ تجويز ڪيا هئا. مثال طور: ’ٽر‘، ’ڊر‘، ’لهه‘. ان کانسواءِ هن اهڙن اکرن سان ’ن ــ گُھڻو‘ (غُنو) ملائي لکڻ جو رواج پڻ وجھڻ شروع ڪيو، جن کي اُچارڻ مهل انهن لفظن ۾ ’ن‘ نه هجڻ باوجود به ’گُھڻو‘ (غُنو) آواز نڪري ٿو. جيئن: ڊاڪٽر بلوچَ لفظ ’سهڻيءَ‘ کي ’سنهڻي‘ ڪري لکيو. (اهڙي ترميم خود هن پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ ’سر سهڻيءَ‘ ۾ واضح طور ڪئي، پر لسانياتي ماهرن جي اڪثريت انهن واڌارن جي همت افزائي ڪانه ڪئي، جنهن سبب اهي اسانجي آئيويٽا جو حصو ٿي ڪونه سگھيا.

هاڻي جڏهن دنيا جي جديد ترين علمن سميت ٻولين جي تدريسَ جا طريقا به سؤلا ۽ گھٽ وقت ۾ سکڻ جوڳا بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن، ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان انهن سکڻهارن جي مشڪل کي نظر ۾ رکندي، جيڪي سنڌيءَ کي ٻئين يا ٽئين ٻوليءَ طور سکڻ گھرن ٿا (يا سکن ٿا)، سنڌي آئيويٽا جي ڏکيائين کي سؤلڙايُن ۾ تبديل ڪريون. دنيا ۾ سکڻ جي لحاظ کان آسان ترين ٻولين ۾ انگريزي ٻولي انڪري شامل آهي، جو ان جي آئيويٽا ۾ فقط 26 اکر آهن، جڏهن ته سنڌي آئيويٽا ۾ ان جي ٻيڻ جيترا (52) اکر آهن، جن جا رڳو ٽٻڪا ياد ڪرڻ ۾ ئي غير سنڌي سکڻهارن کي مهينا لڳيو وڃن، جڏهن ته انگريزي اکرَ، نُقطن کان به لڳ ڀڳ آجا آهن. اسانکي وقت جي تيزيءَ سان وڌندڙ رفتار کي نظر ۾ رکندي، سنڌي آئيويٽا ۾ سَهِنجائي پيدا ڪرڻ جي ارادي سان، گھٽ ۾ گھٽ پهرين مرحلي طور اهو ضرور ڪرڻ گھرجي ته ان مان واڌُو اکر گھٽايا وڃن. مثال طور: اسان وٽ ’ز ‘ (Z) جي آواز لاءِ 4 اکرَ (ز، ض، ظ، ذ)، ’س‘ (S) جي آوازَ لاءِ 3 اکرَ (س، ص، ث) ۽ ’ت‘ جي آواز لاءِ 2 اکرَ (ت، ط) موجود آهن، جن کي مختصر ڪري هڪ هڪ اکر تائين آڻي ان جي سکيا کي آسان بڻائي سگھجي ٿو. جنهن باري ۾ ٻوليءَ جا ماهر گڏيل صلاح سان ڪو لائحه عمل طئي ڪري ان جي سکيا کي انهن لاءِ آسان بڻائي سگھن ٿا، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي غير مادري ٻوليءَ طور سکڻ گُھرن ٿا. ان کانسواءِ سنڌي آئيويٽا جي متبادل اسڪرپٽ طور انگريزي رومن کي استعمال ڪرڻ ۾ به ڪا قباحت ناهي، جنهن سان موجوده فارسي ــ عربي آئيويٽا تي ڪوئي به فرق ڪونه پوندو، نه ئي ڪو ان جو واهپو متاثر ٿيندو، پر سنڌ کان ٻاهر رهندڙ کوڙ سنڌين کي هڪ متبادل لپيءَ ۾ خاص طور آن لائن مواد ڳولڻ ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ رابطو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھندي. جنهن جو بهترين مثال اردو ادب جِي مُستند ويب سائيٽ ’ريخته ڊاٽ ڪام‘ آهي، جنهن ۾ هر اردو شعر 3 اسڪرپٽس (اردو، هنديءَ ۽ رومن انگريزيءَ) ۾ هڪ ئي وقت موجود آهي، جنهن سان ڪوبه گھربل شعر ڳولڻ ۾ بيحد آساني ٿئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.