ڪراچي(رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته وياج شرح ۾ گهٽتائي جي گنجائش موجود آهي، پر ان بابت فيصلو اسٽيٽ بئنڪ کي ڪرڻو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير کنڊ اگهن ۾ واڌ معمولي قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه واقعن جي ڪري کنڊ مهانگي ٿيڻ عام ڳالهه آهي، قيمتون ريگيوليٽ ڪرڻيون پونديون. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خزانو محمد اورنگزيب چيو ته حڪومتي قدمن سبب معيشت استحڪام ڏانهن وڌي رهي آهي، ۽ ان جي اصل وجهه اها آهي ته معاشي استحڪام ۾ جيڪي رڪاوٽون هيون، سي ختم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ايف بي آر جي وڌايل طاقت آمدني ٽيڪس نه پر سيلز ٽيڪس سان لاڳاپيل آهي،اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي صدورن سان ملاقات ٿي، اسان پڇيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ بئنڪون ڇا ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته معاشي ترقي ۾ بئنڪن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته حڪومت پنهنجا خرچ گهٽايا آهن ۽ گردشي قرض به گهٽايو پيو وڃي. محمد اورنگزيب چيو ته نجي شعبن جي نجڪاري ۾ بئنڪن جو ڪردار هجڻ گهرجي، بيمار صنعتن کي ٻيهر هلائڻ ۾ بئنڪن جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کنڊ جي قيمتن بابت سوال جو سڌو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو آهي ته قيمتن ۾ واڌ معمول جو حصو آهي، ڪڻڪ ۽ کنڊ جي اگهن ۾ ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران سماءَ ٽي وي جي نمائندي سوال ڪيو ته کنڊ جي قيمت 200 رُپيا في ڪلو ڇو پهتي آهي؟ جنهن تي محمد اورنگزيب جواب ڏنو ته کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ لاٿ عام ڳالهه آهي، شيون ريگوليٽ ڪرڻيون پونديون. هن واپارين کي اسلام آباد ۾ ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو ته هڙتال بابت صنعتڪارن سان اڄ ملاقات ٿيندي. ايف بي آر جا اختيار صرف انڪم ٽيڪس سان لاڳاپيل ناهن، گرفتاري جو اختيار ڪنهن هڪ آفيسر وٽ ناهي، پر ٽن رڪني ڪميٽي فيصلو ڪندي.