آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 4 جولاءِ تي سينٽ ۽ ڪانگريس مان هڪ اهڙو بل منظور ڪرائي ورتو آهي، جنهن بابت ماهرن جو خيال آهي ته ان قانون جي نتيجي ۾ آمريڪا ٽيڪنالاجيءَ جي عالمي ڊوڙ ۾ خاص طور چين سان هلندڙ مقابلي ۾ پٺتي رهجي ويندو. هي بل ان عجلت سان منظور ڪيو ويو جو نه ان بابت ڪا پارلياماني سماعت ٿي، نه ئي توانائي جي ماهرن کان راءِ ورتي وئي. ان قانون جي ذريعي صدر ٽرمپ ٻين شين سان گڏ فوسل فيول (کوٽندڙ ٻارڻ) جي صنعت کي ٻيهر بحال ڪرڻ ۽ متبادل توانائيءَ جي ذريعن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو بندوبست به ڪري ڇڏيو آهي.ياد رهي ته آمريڪا دنيا جو اهو ملڪ آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري ٿو، ۽ هيل تائين 400 بلين ٽن CO₂ فضا ۾ ڇڏيندو رهيو آهي. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اهو ماحولياتي تباهي آڻيندڙ قانون ان وقت منظور ڪيو ويو جڏهن ٽيڪساس ۾ صرف چار ڪلاڪن اندر ايتري برسات پئي جو اڳي ڇهن مهينن جي عرصي ۾ ٿيندي هئي، جنهن سبب سئو کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿيا. ان سان گڏوگڏ صدر ٽرمپ ماحول دوست پاليسين کي ختم ڪرڻ جو سلسلو به جاري رکيو آهي.
صدر ٽرمپ حلف کڻڻ جي فوراً پوءِ به اعلان ڪيو هو ته هو وڏي پيماني تي تيل ۽ گئس جي کوجنا وارن منصوبن تي عملدرآمد ڪرائيندو، جنهن سان آمريڪا ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون انتهائي گهٽجي وينديون. هو بار بار قابل تجديد توانائيءَ جي ذريعن کي ’لبرل‘ (آزاد خيال) قرار ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ اهي ذريعا نه رڳو مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) جي ڊيٽا سينٽرن جي وڌندڙ طلب کي پورا ڪري سگهن ٿا، پر ماحولياتي تباهيءَ کي به روڪي سگهن ٿا.
سعودي عرب، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، اهو به مصنوعي ذهانت لاءِ ڊيٽا سينٽرن جي قيام خاطر قابل تجديد توانائيءَ تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان به ٽرمپ جو بل پٺتي هٽڻ وارو قدم ثابت ٿيو آهي، ڇو ته هن بل ذريعي تيل ۽ گئس جي پيداوار مان خارج ٿيندڙ ميٿين گيس، جيڪا عالمي تپش جو وڏو سبب آهي، ان تي لاڳو ماحولياتي ٽئڪس کي به ڏهن سالن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي.
اڄ جي دور ۾ ڪنهن به ملڪ جي سائنسي ۽ اقتصادي ترقي جو راز انهيءَ ڳالهه ۾ لڪل آهي ته اهو ملڪ ڪيتري مقدار ۾، ڪيتري سستي بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪا مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪري. ڇو ته A.I. نه فقط بيمارين جي علاج، پر نون مادي عنصرن جي دريافت ۽ انتهائي پيچيده سائنسي اسرارن جي کوجنا ۾ به مدد ڪري رهيو آهي. ايندڙ زماني ۾ سستي توانائي ۽ A.I. جو ميل ئي قومن جي ترقيءَ جي راهه طئي ڪندو.
پر ٽرمپ ان جي بلڪل ابتڙ رستو اختيار ڪندي، آمريڪا جي قابل تجديد توانائي واري صنعت کي مفلوج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن نه فقط ان تي ڏني ويندڙ ٽئڪس رعايتن کي بند ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر انهن مراعتن کي ’دغا‘ سڏيندي، ماحول سان دشمنيءَ جو واضح اظهار به ڪري ڇڏيو آهي. اڄ گھڻن آمريڪين کي اها سُڌ به نه آهي ته چين توانائي جي ميدان ۾ آمريڪا کان ڪيترو اڳتي نڪري چڪو آهي. ان جو اندازو هن حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته سال 2000ع ۾ چين سالياني 1300 ٽيرا واٽ ڪلاڪ بجلي پيدا ڪندو هو، جڏهن ته آمريڪا ان وقت 3800 ٽيرا واٽ ڪلاڪ بجلي پيدا ڪري رهيو هو. پر هاڻ جي دور ۾ چين 10,000 کان به وڌيڪ ٽيرا واٽ ڪلاڪ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا گذريل ويهن سالن ۾ رڳو 500 ٽيرا واٽ ڪلاڪ جو اضافو ڪري سگهيو آهي.
چين جو بجلي پيدا ڪرڻ جو سفر به ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن کان شروع ٿيو هو، پر تازي سالن ۾ هن ملڪ پڻ پاڻي، شمسي توانائي ۽ بيٽرين ذريعي جيڪا ترقي حاصل ڪئي آهي، سا نه صرف تيز، سستي ۽ مؤثر آهي، پر سڀ کان اهم ڳالهه ته اها ماحول دوست پڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو چين جي معيشت هاڻ ماحولياتي دوست ٽيڪنالاجيءَ جي چوڌاري ڦرڻ لڳي آهي، جيڪا نه فقط عالمي ماحول جي حفاظت ڪري ٿي، پر آمريڪا سان وڌندڙ جغرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ به هن کي هڪ حڪمت عملي وارو هٿيار فراهم ڪري رهي آهي.
حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته آمريڪا ۾ اڃا تائين ٽيڪساس جهڙي رياست ۾ صرف 18 مهينن جي عرصي ۾ بيٽري اسٽوريج سان گڏ نئون سولر فارم تعمير ڪري ان کي قومي گرڊ سان ڳنڍي سگهجي ٿو. ان ئي سبب ٽيڪساس گذريل ٽن مهينن ۾ 2596 ميگا واٽ ماحول دوست توانائي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ان کان اڳتي، رڳو هڪ سال جي عرصي ۾ ٽيڪساس 10,000 ميگا واٽ بجلي جو اضافو ڪيو آهي ۽ ان ريت ڪيليفورنيا کي پٺتي ڇڏي آمريڪا جي سڀ کان وڏي شمسي توانائي پيدا ڪندڙ رياست بڻجي ويو آهي.
آمريڪي توانائيءَ جي هڪ اداري مطابق، سال 2024ع تائين آمريڪي گرڊ ۾ شامل ٿيندڙ 81 سيڪڙو بجلي شمسي توانائي ۽ اسٽوريج بيٽرين مان حاصل ڪئي وئي. پر جيڪڏهن صدر ٽرمپ جو قابل تجديد توانائيءَ جي خلاف قدم کڻڻ وارو رويو جاري رهيو ته سال 2035ع تائين آمريڪا ۾ بجليءَ جي هول سيل قيمتن ۾ نه فقط 50 سيڪڙو واڌ ٿيندي، پر هن شعبي ۾ لڳ ڀڳ 830,000 نوڪريون به ختم ٿي سگهن ٿيون.اهو مڃڻ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته آمريڪا وٽ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا موجود آهن، پر انهن مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ جن وڏن ٽربائنن جي ضرورت آهي، سي ڪنهن به صورت ۾ سال 2030ع کان اڳ نصب نٿا ٿي سگهن. ان سان گڏ، ٽرمپ جي اسٽيل ۽ ايلومينيم تي لاڳو ڪيل نون ٽيئرفس (محصولن) جي ڪري اهي ٽربائنون اڳ کان به وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون آهن، جنهن سبب آمريڪي توانائيءَ جي صنعت کي ايندڙ ڏهاڪن ۾ نه فقط لاڳت ۾ واڌ، پر رڪاوٽن جو پڻ منهن ڏيڻو پوندو.
اها ساري صورتحال نه فقط ماحولياتي تباهيءَ جو پيش خيمو بڻجي سگهي ٿي، پر آمريڪا جي سائنسي، صنعتي ۽ عالمي سياسي حيثيت لاءِ به هڪ وڏي خطري جي گهنٽي آهي، جنهن جو ادراڪ ضروري آهي. وال اسٽريٽ جرنل ۾ توانائيءَ جي هڪ ماهر ٽرمپ جي پاليسيءَ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته هن بل جي نتيجي ۾ آمريڪا ٽيڪنالاجيءَ جي ڊوڙ ۾ تمام پٺتي رهجي ويندو. ماهرن جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ جي تازين پاليسين، خاص ڪري قابل تجديد توانائيءَ تي لڳايل پابندين، چين کي عالمي طاقت بڻجڻ جو سڌو رستو ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻ اهو لڳ ڀڳ طئي ٿي چڪو آهي ته ايندڙ وقتن ۾ شمسي توانائي، هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ، برقي ۽ خودڪار گاڏين جهڙا جديد شعبا چين جي گرفت ۾ هوندا.
اڄ جي ٽرمپ انتظاميا ۾ اهڙو ڪو به شخص نظر نٿو اچي، جيڪو کيس ان پاليسيءَ ۽ ضد کان روڪي سگهي. صدر جي ذاتي ضد، ڪاروباري مفادن ۽ ماحول سان بي پرواهيءَ جو نتيجو اهو ٿيندو جو آمريڪا پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي سائنسي، صنعتي ۽ حڪمت عمليءَ واري برتريءَ کي تباهه ڪري ڇڏيندو.اهو ئي سبب آهي جو آمريڪي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي پنهنجي هن وڏي غلطيءَ جو احساس تڏهن ٿيندو، جڏهن ايندڙ ڏهن سالن اندر چين عالمي بالادستيءَ جي ڊوڙ ۾ آمريڪا کان ڪيترائي قدم اڳتي نڪري ويندو. ان وقت نه رڳو آمريڪا جي قيادت جو خواب چڪنا چور ٿيندو، پر عالمي سطح تي به سندس اڳواڻيءَ وارو مقام سواليه نشان بڻجي ويندو.