سنڌ هميشه پنهنجي سورمن جي بهادري، مزاحمتي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ ۽ سياسي سجاڳيءَ جي علامت رهي آهي، ان قومپرست سياست جي اوج جا ڏينهن به ڏٺا ۽ ان جي زوال جا لمحات به محسوس ڪيا. سنڌي قومپرستي جو بنياد ان ڏينهن پيو، جڏهن انگريزن جي غلاميءَ کان نجات ملڻ کان پوءِ به سنڌ نئين استحصالي ڍانچي ۾ قيد ٿي وئي. 1950ع ۽ 60ع جي ڏهاڪن ۾ جڏهن ون يونٽ جهڙي جابراڻي پاليسي سنڌ تي مڙهي وئي، تڏهن قومپرست سياست سنڌ جي مظلوم عوام لاءِ روشنيءَ جو ڏيئو بڻجي اڀري. انقلابين ۽ قومي اڳواڻن سنڌي شعور کي نئين سر ترتيب ڏني. قومپرست سياست جيڪا اصل ۾ قومي خودمختياري، وسيلن تي اختيار ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي جدوجهد جو نالو هئي، اها سنڌ جي عام ماڻهوءَ لاءِ جذبو، همت ۽ اميد بڻجي وئي.
70ع ۽ 80ع وارا ڏهاڪا قومپرست سياست جي عروج جا ڏهاڪا هئا، جتي جدوجهد، تقريرون، قلمي مزاحمت، سياسي جلسا ۽ عوامي جدوجهد هر هنڌ نظر اچي ايندي هئي. ان دور ۾ قومپرست سياست جو بنيادي نعرو هو: ”سنڌ جي خودمختياري، سنڌين جي مالڪي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف جنگ“ هن سياست سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. انقلابي فڪر، مزاحمتي جذبو ۽ استحصالي قوتن سان وڙهڻ جي جوت هر سنڌي نوجوان جي ذهن ۾ پيدا ڪئي. قومپرست پارٽيون مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويون ۽ هر اڳواڻ پنهنجي ڌار سياسي ونگ ٺاهڻ لڳو. اتحاد جي کوٽ، نظرياتي ڪمزوري ۽ پاڻ ۾ مقابلي واري رجحان قومپرست سياست کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. جڏهن قومپرست اڳواڻ پنهنجين تحريڪن کي بيانن، تقريرن ۽ رڳو اليڪشني جلسن تائين محدود رکڻ لڳا ۽ عوامي مسئلن کان پاسو ڪري اقتدار جي راند کي اوليت ڏيڻ لڳا، تڏهن عوام جو مٿن اعتماد گهٽجڻ لڳو.
قومپرست سياست جي زوال جا سنڌ تي انتهائي ڳرا اثر پيا، جن جو نتيجو سياسي، سماجي ۽ معاشي نقصان جي صورت ۾ نڪتو. سنڌ وفاقي اختيارن جي گرفت ۾ اچي وئي، جتي غير سنڌين جو اثر وڌڻ لڳو، وسيلن تي قبضا تيزيءَ سان وڌيا ۽ قدرتي ذخيرا طاقتور ڌرين جي هٿ وس ٿي ويا. ساڳئي وقت سنڌي ٻوليءَ خلاف سازشن ۾ تيزي آئي، جنهن جو مقصد صرف ٻوليءَ کي ڪمزور ڪرڻ نه پر سنڌ جي قومي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ هو. اهڙين حالتن ۾ سنڌي عوام جو قومي شعور، جيڪو ماضيءَ ۾ آزاديءَ جي تحريڪن جو اهم حصو رهيو، هاڻي ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. عوام کي قومي مقصدن کان هٽائي بنيادي مسئلن جهڙوڪ نوڪري، پاڻي، بجلي ۽ زمين جي حقن لاءِ محتاج بڻايو ويو. هيءَ صورتحال سماجي ناانصافيءَ جو اهڙو رخ اختيار ڪري چڪي آهي جنهن سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بي وس بڻائي ڇڏيو آهي. قومپرست سياست جي زوال جو سڀ کان ڳڻتيءَ جوڳو پهلو اهو آهي ته سنڌي ماڻهو، جيڪي ڪڏهن قومي سجاڳيءَ جا علامتي رهبر هئا، هاڻي پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ بدران مايوسيءَ جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. جتي اڳ آزاديءَ جون تحريڪون هلنديون هيون، اتي هاڻي بنيادي سهولتن لاءِ به جدوجهد ڪرڻي پئي ٿي.
جيڪڏهن قومپرست سياست نئين حڪمت عملي اختيار نه ڪئي ۽ سنڌي عوام کي ٻيهر منظم نه ڪيو ته مستقبل ۾ سنڌ جو قومي وجود وڌيڪ خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته نئين قيادت، جديد فڪري سوچ ۽ عملي تحريڪ ذريعي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي بحاليءَ لاءِ نوان رستا کولجن. قومپرست سياست کي روايتي طريقيڪار بدران جديد حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي ته جيئن سنڌي عوام ٻيهر پنهنجن حقن جي سڃاڻپ ڪري، وسيلن تي مالڪيءَ لاءِ پاڻ کي منظم ڪري سگهي.