ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سون جي اگهن ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن هزارين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون5500 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 79 هزار 562 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 4 هزار 715 رپيا لاٿ بعد 4 لک 11 هزار 147 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 55 ڊالر گهٽتائي سان 4572 ڊالر آهي.
You might also like