اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي 5 باغي قومي اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍيو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب، قومي اسيمبلي ميمبر، اورنگزيب خان ڪڇي، ظهور قريشي، عثمان علي، مبارڪ زيب ۽ الياس چوڌريکي پي ٽي آءِ مان ڪڍيو ويو آهي. چيو ويو ته انهن ميمبرن 26 هين آئيني ترميم جي حمايت لاءِ پارٽي هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جڏهن ته پارٽي اجلاس ۾ ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. نوٽيفڪيشن ۾ انهن ميمبرن کي ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي انهن ميمبرن کي عهدي تان نااهل قرار ڏنو وڃي.