لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ پنجاب جي چيف آرگنائزر عاليا حمزا پي ٽي آءِ جي گڏيل پارلياماني اجلاس کان اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪندي تحريڪ تي سوال اٿاري ڇڏيا. مرڪزي قيادت چيف آرگنائزر کي اعتماد ۾ نه ورتو. چيف آرگنائيزر چيئرمين بئريسٽر گوهر، ڪي پي جي وڏي وزير، جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي منصوبي بابت اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو. عاليه حمزا پارٽي قيادتجي منافقت تي طنز ڪندي چيو ته هونئن ته مون تائين پهتل اطلاعن موجب مان 2 ڏينهن کان مصروف هيس، اهڙي مصروفيت جنهن مون کي به خبر ناهي. عاليا حمزا چيو ته ڇا ڪو ٻڌائيندو ته عمران خان جي آزادي لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جو اعلان ٿيو آهي؟ تحريڪ ڪٿان ۽ ڪيئن هلندي؟ 5 آگسٽ جي ڀيٽ ۾ 90 ڏينهن جو پلان ڪٿان آيو آهي؟ اوهان مان ڪنهن کي خبر هجي ته مون کي ٻڌائي. ان کان اڳ پريس ڪانفرنس ۾ سلمان اڪرم راجا چيو هو ته عاليا حمزا پنهنجي مصروف شيڊول جي ڪري شرڪت نه ڪري سگهي.