ڪراچي ۾ اڻڄاتل ماڻهن ٻن پورهيتن مٿان تيزاب هاري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ايف بي ايريا، جوهرآباد ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي اڻڄاتل شخص پارڪ ۾ سمهندڙ ٻن پورهيتن مٿان تيزاب هاري فرار ٿي ويو،پوليس جي شروعاتي جاچ موجب متاثر پورهيتن جي سڃاڻپ خالد ۽ صادق جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي پارڪ ۾ئي سمهندا هئا ۽ بي گهر هئا،پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل شخص رات جو پارڪ ۾ داخل ٿيو ۽ سمهندڙ ٻنهي ماڻهن مٿان تيزاب اڇلايائين، جنهن کان پوءِ فرار ٿي ويو، متاثرن ٻڌايو ته حملو ڪندڙ کي سڃاڻي نه سگهيا، پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ آهي ته اهو واقعو پئسي جي ڏيتي ليتي جي تڪرار سبب پيش آيو هجي، شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته خالد ۽ صادق جو هڪ ٻئي بي گهر شخص عمير سان مالي تڪرار هلندڙ هو، جيڪو اڳ به ساڳئي پارڪ ۾ سمهندو رهيو آهي، پوليس موجب عمير جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن، ۽ جاچ جاري آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.