ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ ۾ وڌندڙ امني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف وزيراعلى هائوس جوگهيراءُ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مراد علي شاه حڪومت ۽ امن امان قائم ڪرڻ وارا سڀئي ادارا عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿيا آهن، سنڌ ۾ موجود فوج، رينجرز ۽ قومي سلامتي وارن ادارن کي بجلي بل، ٽول ٽيڪس ۽ سياحتي ماڳ مڪانن تان ٽيڪس وصول ڪرڻ جو حڪم ته ملي ٿو، پر ڌاڙيل راڄ جي خاتمي، ٻارن جي اغوا، ڦُرلُٽ ۽ بي امني جي خاتمي لاءِ حڪم ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان سسٽم جي نالي تي ڪرپشن ۽ ڦرمار جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾مجلس شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، منعم ظفرخان، محمدافضال آرائين ۽ جنرل سيڪريٽري محمد يوسف سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين امن امان جي صورتحال سخت خراب، ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي جهيڙن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،