ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ايف آءِ اي ميرپورخاص نادرا آفيسن مان جعلي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ امير خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ايف آءِ اي ڪمپوزٽ سرڪل ميرپورخاص جعلي شناختي ڪارڊ نادرا آفيس ميرپورخاص مان ٺهرائڻ لاءِ جعلي دستاويز جمع ڪرائيندڙ اميرخان کي ميرپورخاص جي نادرا آفيس مان گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو اميرخان آهي ۽ هو جعلي دستاويزن ذريعي پاڻ کي خان مير پٽ شادي خان ظاهر ڪري رهيو هو، جنهن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ايف آءِ اي جي ذريعن موجب جعلي دستاويزن ذريعي نادرا آفيس مان شناخت ڪارڊ ٺهرائڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ گرفتار ڪيل جوابدار کي جعلي دستاويز فراهم ڪندڙن سميت سندس تصديق ڪندڙن ۽ نادرا سميت سرڪاري ادارن ۾ موجود سندس سهولتڪارن خلاف پڻ جاچ شروع ڪئي وئي آهي جنهن بعد سهولتڪارن ۽ جعلي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ ملوث ماڻهن ۾ ٿرٿلو متل آهي، واضع رهي ته ڪجھ سال اڳ سنڌڙي تعلقي ۾ شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيندڙ نادرا جي موبائيل وين مان نادرا جي ملازمن جي ملي ڀڳت سان افغانين جي وڏي انگ کي جعلسازي ذريعي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو الزام جي جاچ رپورت جي آڌار تي نادرا ملوث ملازمن کي نوڪرين تان برطرف پڻ ڪيو ويو هو..