حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي ھر ضلعي ۾ آئي ٽي، ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ايگريڪلچر يونيورسٽي ٺاھي سنڌ جي نوجوانن ۽ نياڻين کي اعلي تعليم جا موقعا ڏنا وڃن، المناڪ صورتحال آھي ته سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين جو تعليمي معيار عالمي معيار وارو ناھي.موجود يونيورسٽين جي تعليمي معيار کي عالمي معيار مطابق بھتر بنائڻ گھرجي، هن چيو ته دنيا جا سڌريل ملڪ تعليم ۽ سائنس ذريعي اڳتي وڌيا آھن پر سنڌ جي ھر ضلعي ۾ ھزارين نوجوان اعلي تعليم کان رھجي وڃن ٿا، سنڌ جي ھر ضلعي کي تعليمي مرڪز بنائڻ گھرجي. بھترين لائبرريون ٺاھڻ گھرجن، تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪندي ۽ ملڪ اڳتي وڌي سگھي ٿو. ڪرپشن ھر مسئلي جو بنياد آھي جنھنڪري سان جو تعليمي نظام درھم برھم آھي.