اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وزارتن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم پراڻي نظام کي ترقيءَ لاءِ رڪاوٽ قرار ڏيندي چيو ته ان کي جديد ڊجيٽل ۽ اثرائتي گورننس سان مٽائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. بجلي واري وزارت جي سڌارن ۽ قومي خزاني ۾ بچت کي ٻين وزارتن لاءِ مثال قرار ڏنو ويو. هن چيو ته نظام جي تبديلي لاءِ جڳ مشهور ماهرن جي مدد ضروري آهي، شعبي جا ماهر جديد گهرجن موجب سڌارن سان نئين سوچ ۽ گورننس جي طريقيڪار کي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. اجلاس دوران ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا جديد گورننس لاءِ تجويزون ڏيندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.