ڪراچي (انويسٽيگيشن رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي گرفتار 9 آفيسرن کي بغدادي ٿاڻي جي ڀر ۾ پوليس آفيسرن جي آفيسن ۾ رکيو ويو آهي. عوامي آواز کي ذريعن ٻڌايو ته آفيسرن کي ايئر ڪنڊيشن ڪمرا ڏنا ويا آھن. انهن کي ٽن وقتن تي بھترين ھوٽلن کان ماني فراھم ڪئي پئي وڃي. گرفتار آفيسرن سان سندن گھر وارن جي بنا روڪ ٽوڪ جي ملاقات پڻ جاري آھي، ائين لڳو پيو آهي ته ڄڻ اھي آفيسر پڪنڪ تي آيل آھن. جيڪي آفيسر بيمار آهن تن کي نه صرف دوائون ڏنيون وڃن ٿيون پر کين ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ جي به سهولت ڏني وئي آهي. ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس صرف خانه پوري ڪرڻ ۾ پوري آهي. آفيسر پنهنجن وڪيلن سان ملي سندن مشوري سان ئي پوليس کي بيان ڏئي رهيا آهن. گرفتار آفيسر جاچ آفيسرن کي يقين سان چئي رهيا آهن ته سندن سومر تي ضمانت ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ هو آزاد ٿي ويندا ۽ پنهنجي معطلي ختم ڪرڻ جي درخواست ڏيندا،