ڪراچي/ملير (رپورٽر/م ڊ) ڪراچي جي علائقي کوکرا پار ۾ نوجوان ناري جو ڦاهو لڳل لاش گهٽيءَ مان مليو جنهن جي سڃاڻپ اريبا طور ٿي. پوليس ويجهي اڏاوت هيٺ عمارت مان 4 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو. پوليس موجب اريبا کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڦاهو ڏنو ويو ۽ پوءِ لاش گهٽيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. مقتولا جي پيءُ موجب اريبا ٻن ڀينرن ۽ ڀائرن کان وڏي هئي، هو کاڌو ڏئي گهر مان ٻاهر وئي هئي ۽ اوچتو لاپتا ٿي وئي، ڪجهه دير کانپوءِ پاڙيسرين در کڙڪائي ٻڌايو. پوليس شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. مقتولا جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب شڪ آهي ته ناري کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو جڏهن ته حقيقت طبعي رپورٽ ۾ سامهون ايندي.