لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاهه ڀرسان چڪ لڳ ڪچي علائقي ۾ قبيلائي تڪرار تان فائرنگ سبب پير بخش عرف پيرل مهر قتل ٿي ويو، جڏهن ته دائود مهر لاپتا ٿيڻ سبب قتل جو شڪ پيدا ٿي ويو. ڪٻرا مهر ۽ قادراڻي جتوئي ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تان ٿيل فائرنگ دوران ٻه واٽهڙو عورتون به زخمي ٿيون. مقتول پير بخش جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش ڳوٺ پهچڻ تي سوڳ واري صورتحال ڇانيل رهي. تڪرار سبب قتل ٿيلن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي. آخري اطلاعن تائين ڌرين وچ ۾ فائرنگ جاري هئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.