اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صدر زرداري جي استعيفيٰ ۽ آرمي چيف جي صدارتي عهدو سنڀالڻ بابت هلندڙ خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محسن نقوي چيو ته صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي نشانو بڻائڻ واري مهم جي پٺيان ڪير آهي، اسان ڄاڻون ٿا. اسان کي اهو به خبر آهي ته اهو ڇو پيو ڪيو وڃي ۽ ان مان فائدو ڪنهن کي پهچندو. هن چيو ته نه ڪي صدر جي استعيفيٰ جي ڪا ڳالهه ٿي آهي ۽ نه ڪي اهڙي ڪا سوچ موجود آهي ۽ نه ئي آرمي چيف صدارت جو عهدو سنڀالڻ جو خواهشمند آهي. محسن نقوي جو چوڻ هو ته صدر جو فوجي قيادت سان مضبوط ۽ باوقار لاڳاپو آهي، جڏهن ته آرمي چيف جو واحد ڌيان پاڪستان جي طاقت ۽ استحڪام تي آهي. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته هن بيانيي ۾ شامل ماڻهن لاءِ پيغام آهي ته دشمن ايجنسين سان ملي جيڪي ڪرڻو آهي، ڪري وٺو، اسان اهو سڀ ڪنداسين جيڪو پاڪستان کي مضبوط بنائڻ لاءِ ضروري آهي.