ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فلم ساز جمشيد محمود عرف جامي جي سزا خلاف اپيل منظور ڪندي، ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت جامي کي 50 هزار رپين جي ضمانت تي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ايڊيشنل سيشن جج سائوٿ کيس پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 500 تحت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن سالن قيد ۽ ڏنڍ جي سزا ٻڌائي، جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو. جامي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ماتحت عدالت سزا ٻڌائيندي قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون. وڪيل موجب، شڪايت ڪندڙ جوابدار کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو. ٽرائل ڪورٽ ۾ الزام هو ته جامي 2019ع ۾ لاهوتي ميلي ۾ جنسي زيادتي جو شڪار ٿيل ناري جو خط آن لائن پوسٽ ڪيو، جنهن بعد ماڻهن سهيل جاويد جو نالو اندازي سان ظاهر ڪيو، پر جامي ترديد نه ڪئي.