عمران جي پٽن کي پاڪستاني وزيرن جون ڌمڪيون سياست نه انتقام آهي: جمائما

لنڊن (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ پنهنجي پٽن قاسم ۽ سليمان جي پاڪستان اچڻ بابت حڪومتي وزيرن جي بيانن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ جمائما چيو ته سندس ٻارن کي پنهنجي پيءُ سان فون تي ڳالھائڻ جي به اجازت ناهي هن چيو ته هاڻي پاڪستان حڪومت چيو آهي ته جيڪڏهن ٻار پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ پاڪستان اچن ٿا ته کين به گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويندو. جمائما چيو ته ڪنهن جمهوري حڪومت يا رياست ۾ ايئن ناهي ٿيندو ، هي سياست نه پر ذاتي انتقام آهي.

  • عمران جي پٽن ڏڦيڙ جي ڪوشش ڪئي ته سخت مرمت ڪنداسين: ن ليگ

اسلام آباد (م ڊ) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيـل ملڪ چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جي پٽن جو مقصد  سياسي انتشار پکيڙڻ آهي ته کين پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عقيـل ملڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جا پٽ قاسم ۽ سليمان برطانوي شهري آهن، جيڪڏهن سندن مقصد سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي ته کين پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهد خٽڪ چيو ته قاسم ۽ سليمان سياست ڪرڻ لاءِ نه پر پنهنجي پيءُ جي آزادي لاءِ پاڪستان اچي رهيا آهن.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ باني بهادريءَ سان جيل ڪاٽي آهي، سندس پٽ قاسم ۽ سليمان برطانوي شهري آهن، جيڪي هتي سياسي سرگرمين ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ٻارن کي پاڪستان اچڻ گهرجي ته جيئن ڏسن ته سندن پيءُ ملڪ سان ڪهڙي هٿ چراند ڪئي. هو پاڪستان اندر قانون جي دائري ۾ احتجاج ڪن، جيڪڏهن لاقانونيت ۽ بغاوت ڪئي وئي ته 26 نومبر کان به سخت مرمت ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.