حيدرآباد(رپورٽر) اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اولهه فياض عالم سولنگي جي اخبارن ۾ ڇپيل معافي نامي جي اشتهار کانپوءِ سنڌ ۾ ڪامورا شاهي جي ڪردار بابت بحث هلندڙ آهي، ان ڏس ۾ سياسي اڳواڻن ۽ وڪيلن چيو آهي ته ڪامورا شاهي جو ڪردار جڏهن ڪمداري وارو بڻجي وڃي ٿو ته پوءِ سسٽم هلائيندڙن کان معافيون به وٺڻيون پون ٿيون، ڪامورا وڏيرن ۽ سردارن جون حاضريون ڏيڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪرڻ واري پنهنجي اصل ذميواري ڏانهن موٽن، سفارش ۽ رشوت عيوض پوسٽنگ وٺندڙ ڪامورن وٽ ڪو اخلاقي جواز ناهي رهندو. نامياري قانوندان يوسف لغاري عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو ڪامورو سسٽم کان هٽندو ان کي معافي وٺڻي پوندي يا وري پنهنجي نوڪري تان هٿ کڻڻو پوندو. رشوت ۽ سفارش سڄي نظام ۽ سرڪاري ڪاروهنوار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پوسٽنگ ملڻ بعد ڪامورو عام ماڻهن جي لاءِ ڏاڍو مڙس ٿيندو آهي، پر وڏيرن، سردارن ۽ قبضاگيرن جي سامهون هڪ لفظ به ڪڇي ناهي سگهندو. هن چيو ته اهي ڪامورا ئي ته آهن جيڪي وڏيرن جي بنگلن تي ويٺلن کي پگهارون ڏين ٿا، حالت اها آهي ته فوت ٿي ويل ماڻهن جي نالن تي به پگهارون جاري ٿين ٿيون. ڪامورن کي بنگلن جي حاضري ڀرڻ بجاءِ عام ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ان ڪرپٽ ۽ بدنام سسٽم خلاف عوام کي جدوجهد ڪرڻي پوندي، جيستائين عوام نه اٿندو تيستائين اهو سسٽم هلندو رهندو. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته جنهن ڪاموري کي پوسٽنگ وڏيري يا سردار جي سفارش تي ملندي ته اهو ڪامورو ڪمداري ئي ڪندو، هاڻ پاڪستان ۾ افسر شاهي جو ڪردار بدلجي چڪو آهي، هڪ سسٽم موجود آهي، جنهن کي اشرافيا ۽ مافيائون پيون هلائين، سرڪاري آفيسر جي حيثيت هڪ پٽيوالي جهڙي به ناهي رهي. سسٽم ادارن کي تباهه ڪرڻ سان گڏ سياست ۽ سماج کي وڏو نقصان رسايو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سرڪاري ڪامورا وڏيرن، قبضاگيرن ۽ سردارن جي ڪمداري ڪرڻ بجاءِ عوام سان گڏ بيهن ته کين معافيون نه وٺڻيون پونديون، پر ڪامورا عام ماڻهن جي سامهون پنهنجي ڪوڙي دليري ڏيکارڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته ڪامورا شاهي وڏيرن، سردارن ۽ سگهارين ڌرين جي ڪمداري ڪندي ته پوءِ معافيون به وٺڻيون پونديون. هڪ ڪاموري جي معافي ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڪامورا هن سسٽم اندر معافيون وٺندا رهندا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سول نوڪر شاهي ڪمزور رهندي آئي آهي، هتي ته وڏن وزيرن کان ويندي وزيراعظم جي عهدي تي ويٺل سياستدان معافيون وٺن ٿا، پر ڪڏهن ان سگهاري ڌر جي ڪنهن فرد معافي ناهي ورتي جن کي معافيون وٺڻ گهرجن. نامياري قانوندان سجاد احمد چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي بادشاهت قائم ٿيل آهي، ان بادشاهت جي 18 سالن دوران سنڌ جا سمورا ادارا تباهه ٿي چڪا آهن، هن نظام جنهن کي سسٽم جو نالو ڏنو ويو آهي ان ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي رينڪ جا آفيسر وڏيرن جي تقريبن ۾ چانهه جا ڪپ کڻي حاضري ۾ بيٺل نظر اچن ٿا، وڏيرا سرڪاري آفيسرن کي جيئن چاهين هلائي سگهن ٿا. سرڪاري ڪامورن پنهنجي ڊيوٽي ڇڏي ڪمداري وارو ڪم ڪيو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته کين معافيون اخبارن ۾ اشتهار ڏئي وٺڻيون ٿيون پون. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن رواج بڻجي چڪي آهي، صورتحال اتي وڃي بيٺي آهي ته يونين ڪائونسل جي آفيس مان ڊيٿ ۽ برٿ سرٽيفڪيٽ به رشوت کان بغير نٿو ملي. نوڪريون وڪرو ٿين پيون، پوسٽنگ رشوت ۽ سفارش تي ملي ٿي. هڪ ڪاموري جو معافي نامو ته هاڻ ظاهر ٿيو آهي، پر ڪيترائي ڪامورا روز ڪنهن نه ڪنهن وزير، وڏيري ۽ سردار کان انهن جي بنگلي تي وڃي معافيون وٺندا هوندا. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته هڪ رٿابندي تحت هڪ اهڙو نظام جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ سرڪاري ڪامورا وزيرن، وڏيرن، سردارن، منشيات فروشن ۽ قبضاگيرن جي اشارن تي هلن ٿا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سڄو نظام ڪرپشن ۽ بدعنواني جي ورچڙهي ويو آهي. عام ماڻهو وڏي تڪليف ۾ آهي. هن چيو ته سرڪاري ڪامورا عوام جي خدمت ڪرڻ بجاءِ بنگلن ۽ اوطاقن جون حاضريون ڀريندا ته کين معافيون ئي وٺڻيون پونديون، رشوت ۽ سفارش جي بنياد تي پوسٽنگ وٺندڙن وٽ ڪو اخلاقي جواز هوندو ئي ناهي.
اها شڪست فياض سولنگي نه سڄي ڪاموراشاهي جي آهي:سوشل ميڊيا
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي ڊي سي ويسٽ ڪراچي پاران علي حسن زهري کان اشتهار ذريعي معافي وٺڻ وارو معاملو سوشل ميڊيا تي لڳاتار بحث جو موضوع بڻيل آهي،ناليواري ڪالم نگار ذوالفقار قادري سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي ته اڳوڻي ڊي سي فياض عالم سولنگي جي معافي قبول نه پئي، وزيراعليٰ کيس پوسٽنگ تان هٽائي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرائي ڇڏيو هڪ ٻي پوسٽ ۾ هن لکيو ته فياض سولنگي نوڪري بچائڻ ڪامياب ٿي ويو، هي هار سنڌ جي پوري بيوروڪريسي جو آهي، سنڌ جي پوري بيوروڪريسي کي مبارڪون هجن. گڏو گڏ عوام جي مٿان ڦوشر ڪندڙ ڪميشن پاس ڪري ايندڙ آفيسرن جي چهري مٿان ويڙھيل ڀرم جو نقاب بہ لاهي کين سندن جي اصل حيثيت بہ ڏيکاري وئي آھي سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنرن کان ويندي سيڪريٽريز ۽ ايس ايس پيز کان آ۽ جي پوليس تائين جي اصل حيثيت ظاهر ڪئي وئي آھي فياض عالم سولنگي پنهنجي نوڪري ۽ پوسٽنگ بچائڻ لاءِ تہ رڳو معافي نامون لکيو آھي پر سنڌ ۾ آفيسر پوسٽنگ وٺڻ لاءِ سنڌ جي وڏيرن ايم پي ايز ۽ وزيرن جي ڪمداري ڪرڻ بہ عار نہ ٿا سمجهن ،هن لکيو ته اڳوڻي ڊي سي ويسٽ فياض عالم سولنگي کي نظام جي خلاف وڃڻ تي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 2022 ۾، سندس سزا ۾ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندي سندس پگهار به روڪي وئي، کيس سزا ۾ 3 سال پگهار کان سواءِ رکيو ويواتياز چانڊئي پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو ته اهڙا آفيسر به آهن جن سموري رياستي مشينري جا ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيا آهن
سنڌ حڪومت بااثر کان معافي وٺندڙ ڪاموري فياض سولنگي کي هٽائي ڇڏيو
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت بااثر شخص مير علي حسن زهري کان اشتهار ذريعي معافي وٺندڙ اڳوڻي ڊي سي ۽ هاڻوڪي ايڊيشنل سيڪريٽري فياض عالم سولنگي کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، فياض عالم سولنگي ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ طور مقرري دوران بااثر شخص مير علي حسن زهري کي سال 2020 ۾ قبضا مافيا قرار اشتهار جاري ڪرايو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ وري ڪاموري فياض عالم سولنگي 5 سال اڳ شايع ڪرايل اشتهارن تي معذرت ڪندي بااثر شخص کان معافي ورتي، اهڙو معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ ۽ ڪاموري توڙي سنڌ حڪومت تي تنقيد بعد ڪامورو عهدو وڃائي ويٺو، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين فياض عالم سولنگي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
 
			