يوٽيوب جو مشهور فيچر ختم ڪرڻ جو اعلان

يوٽيوب پنهنجي ڪيئي ورهيه پراڻي مشهور فيچر کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
يوٽيوب طرفان ”ٽرينڊنگ پيج“ ۽ ”ٽرينڊنگ نائو لسٽ“ کي بند ڪيو پيو وڃي، جنهن جي جاءِ تي هاڻ مخصوص ڪيٽيگري چارٽس (YouTube Charts) کي ڏني ويندي.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هاڻي يوٽيوب تي ٽرينڊ ٿيندڙ مواد جهڙوڪ ٽرينڊنگ ميوزڪ وڊيوز، ٽاپ آرٽسٽس ۽ ٽرينڊنگ موويز ٽريلرز وغيره کي هڪ ئي هنڌ ڏيکارڻ بدران مختلف ڪيٽيگريز جي چارٽس ۾ ورهايو ويندو،
يوٽيوب موجب، جڏهن 2015ع ۾ ٽرينڊنگ پيج متعارف ڪرايو ويو هو تنهن وقت وائرل وڊيوز کي هڪ ئي هنڌ ڏيکارڻ آسان هو، پر هاڻ مواد جي مختلف قسمن ۽ مائڪرو ٽرينڊز جي وڌڻ سبب واهپيدارن لاءِ مخصوص ڪيٽيگريز ۾ ڳولا ڪرڻ وڌيڪ ڪارائتو بڻجي ويو آهي.
ڪمپني پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ چيو آهي ته چارٽس ذريعي مقبول مواد پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ اهڙا وڊيوز به ڏيکاريا ويندا جيڪي ناظرين جي دلچسپي پٽاندڙ هوندا.
يوٽيوب جو چوڻ آهي ته هاڻ گهٽ ماڻهو ٽرينڊنگ ٽيب کولڻ پسند ڪن ٿا ڇو ته کين پنهنجو پسنديده مواد يوٽيوب جي مختلف هنڌن تي آسانيءَ سان ملي ويندو آهي.
ڪمپني موجب، مختلف ٽولز جي مدد سان اهو طئي ڪيو ويندو ته ڪهڙو مواد واهپيدارن ۾ وڌيڪ مقبول آهي.
نئين تبديلي تي عملدرآمد ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ لاڳو ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.