سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي، وڏي وزير جي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امڪاني برساتن جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي .
اجلاس دوران چيف ميٽرولاجسٽ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر دوران سنڌ ۾ معمول کان 20 سيڪڙو وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ 17 ۽ 18 جولاءِ تي وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه آبپاشي واري عملي کي هدايت ڪئي ته بچاءَ بندن جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ انهن جي مرمت ۽ سار سنڀال ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
وڏي وزير سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ، پي ڊي ايم اي کي ڊويزنل ڪمشنرن سان رابطو ڪري ضروري سامان اڳواٽ فراهم ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميا کي فوري طور تي حفاظتي پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
مراد علي شاهه چيو ته برساتن جي اڳڪٿي سبب شهرن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، تنهنڪري ڪراچي سميت سمورن وڏن شهرن ۾ نالن جي صفائي جو ڪم ترت مڪمل ڪيو وڃي.
هن حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين علائقن ۾ به الرٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.