حيدرآباد ۾ 2 ٻارڙا گندي پاڻي جي نالي ۾ ڪري فوت

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي سائيٽ ايريا جي شاهه لطيف ڪالوني ۾ گندي پاڻي جي نالي ۾ ڪرڻ سبب ٻه معصوم ٻارڙا حياتي  وڃائي ويٺا. فوت ٿيل ٻارڙن ۾ ٽن سالن جي سحر فاطمه ڌيءُ محمد ڪاشف ۽ ٽن سالن جو محمد پٽ ظفر شامل آهن. ٻنهي جا لاش علائقي واسين ڳولا بعد گٽر مان ڪڍي خانگي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. رات جو ٻارڙا گهٽي ۾ راند ڪندي اوچتو گم ٿي ويا هئا، جن جي ڳولا دوران نالي مان سندن لاش هٿ آيا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.