راولپنڊي (م ڊ)پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت رياستي سطح تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي حمايت ۽ مالي مدد ڪري رهيو آهي، جيڪا ڀارت جي باقاعده پاليسي بڻجي چڪي آهي، خاص طور تي بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش ان جو اهم حصو آهي.هو هڪ غير ملڪي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڀارت جون سازشون پاڪستان جي سلامتي لاءِ سنجيده خطرو آهن، خاص طور تي بلوچستان جي حوالي سان منظم رٿابنديءَ تحت دهشتگردي ڪرائي پئي وڃي. ڀارت جي ان نيٽ ورڪ جو ماسٽر مائينڊ اجيت دوول آهي، هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ اعلان ڪيل ايٽمي ملڪ آهي، جنهن جي ايٽمي صلاحيت ناقابل تسخير آهي. پاڪستان جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور تي محفوظ آهي.ڪنهن به ملڪ ۾ اها همت نه آهي جو هو پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت کي نشانو بڻائي.پاڪستان ڪنهن به اسلامي رياست خلاف جارحيت کي علائقائي امن لاءِ خطرو سمجھي ٿو.”انٽرويو دوران جنرل احمد شريف ايران لاءِ سياسي ۽ سفارتي حمايت جو اعادو ڪيو،