سنڌ جي حقن تي ڪنهن به قسم جو سودو قبول نه ڪيو ويندو:زين شاهه

ڄامشورو (ڊ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جو اجلاس پارٽي جي صدر سيد زين شاھ جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس جامشورو ۾ ٿيو. اجلاس ۾ روشن ٻرڙو، منير حير شاھ، امير آزاد پنهور، منير نائچ، جڳديش آهوجا، رمضان ٻرڙو، اصغر قريشي، خواجه نويد، مختيار ميمڻ، امير علي ٿيٻو، انعام ڀٽي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ملڪ، خاص طور تي سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پارٽي جون اندروني چونڊون آگسٽ 2025 کان شروع ڪيون وينديون، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته23 جولاءِ تي ڄامشورو ۾ ورڪرز اجلاس ٿيندواجلاس ۾ سنڌ جي قومي حقن جي تحفظ لاءِ عام راءِ هموار ڪرڻ ۽ حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومي ڪانفرنسون ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پنهنجي جمهوري، سياسي ۽ آئيني جدوجهد جاري رکندي اسان ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن تي قبضي، بيروزگاري، لاقانونيت ۽ بدانتظامي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين، سنڌ جي حقن تي ڪنهن به قسم جو سودو قبول نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.