سخت گرمي جي لهر عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پاڻي جي کوٽ جي ڪري هر اونهارو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ جي اڪثر حصن ۾ غير متوقع طور تي خشڪ ترين ثابت ٿيو آهي. تعجب جي ڳالھ ناهي ته پاڪستان 50 سيڪڙو پاڻيءَ جي غيرمعمولي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪو 1991 کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي. جڏهن صوبن پاڻي جي ورهاست واري معاهدي تحت سنڌو درياھ جي نظام ۾ موجود پاڻي کي ورهائڻ تي اتفاق ڪيو پر عمل نه ٿي سگهيو. خشڪ اسپيل جي نتيجي ۾ سياري جي مهينن دوران برفباري ۾ لڳ ڀڳ 26 سيڪڙو گهٽتائي ۽ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گهٽ برساتن جي نتيجي ۾ موجوده خريف جي سيزن جي شروعات گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ سان ٿي آهي. جڏهن ته گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ 14 سيڪڙو جي سالياني اوسط خساري جي مقابلي ۾ اونهاري جي شروع ٿيڻ جي باوجود برف برابر رفتار سان نه ٿي پگھرجي، جنهن ڪري سسٽم ۾ سخت کوٽ وڌي وئي آهي ۽ ٻن وڏن آبي ذخيرن تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي. اهو ڪنهن کي به تعجب نه ٿيڻ گهرجي ته گرم ۽ خشڪ موسم اڳ ۾ ئي ڪڻڪ جي پيداوار کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. هيل ته سنڌ ۽ سموري ملڪ ۾ ڪپھ ۽ چانورن جي پيداوار تي منفي اثرن جو شديد امڪان آهي، جيڪو صوبن جي وچ ۾ پراڻي ڇڪتاڻ کي وڌائيندو.
صوبن جي زرعي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ آبپاشي جي فراهمي کي به اڳتي اچڻ گهرجي، جيئن اسان جي قومي پاڻي جي ورڇ واري حڪمت عملي تي عمل ٿي سگهي. اونهاري جا شروعاتي فصل سنڌ جي زرعي معيشت لاءِ انبن ۽ ڀاڄين کان وٺي ڪپهھ ۽ چانورن تائين اهم آهن. سنڌ مان ايندڙ پيداوار سٺي مارڪيٽ ۾ اچي ٿي. تنهن هوندي به سنڌ ۾ اونهاري جي شروعات ۾ ساريالو فصل پاڻيءَ کان محروم ٿي وڃي ٿو، ان سان نه رڳو هارين کي نقصان پهچي ٿو پر ملڪ جي مجموعي زرعي معيشت به سڪي وڃي ٿي. اپريل ۽ مئي ۾ ٿوري برسات جي باوجود سنڌو درياءَ ۽ ان جون شاخون جبلن جي برف پوڻ ۽ پگهرجڻ سبب ٻڏڻ لڳن ٿيون. جيئن اپريل جي وچ ۾ برف پگھرجڻ ختم ٿئي ٿي ته درياءَ سُسڻ لڳن ٿا، جيئن برف پگھرجڻ وڌي ٿي تڏهن گرمي پد وڌڻ سان جولاءِ کان سيپٽمبر تائين مون سون جون برساتون به وري پاڻيءَ ۾ اضافو ڪن ٿيون ۽ نديون پنهنجن ڪنارن تائين وهڻ شروع ڪن ٿيون. فعال سيلابي ريلا ميدانن کي ڀري ڇڏين ٿا ۽ دريائن جو زميني پاڻي ندين نالن کي ٻيهر چارج ڪري ڇڏي ٿو، پر سيپٽمبر جي آخر تائين جڏهن برساتون ۽ برف ٻئي ختم ٿي وڃن ٿا، تڏهن فعال سيلابي ريلا ميدانن مان زميني پاڻي وهائي واپس درياھ ۾ هليا وڃن ٿا، تيستائين سياري جي برسات جنوري کان مارچ جي وچ ۾ شروع ٿي وڃي تي.
پر پنهنجي فطرت ۾ سنڌو ڪڏهن به سڪي نه ٿو، سنڌوءَ جي ٻنهي ڪپن تي زرعي طريقا هزارين سالن کان پئي ترقي ڪري رهيا آهي. پر جديد آبپاشي جي نام نهاد ترقي درياهن کي پاڻ سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو، پر ان سڀ کان وڏو ڪم سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي معاهدي جي نتيجي ۾ ٿيو، جنهن جي ذريعي اهو اتفاق ٿيو ته سنڌوءَ جي ڪن شاخن کي وهڻ ڏنو ويندو ۽ ڪهڙين کي روڪيو ويندو، دريائن جي سرپلس ۽ کوٽ جي صورت ۾ ان جي درجه بندي ڪئي ويندي ۽ انهن کي توازن ڪرڻ لاءِ وچ واري منتقلي ٺاهي ويندي. پر بدقسمتيءَ سان سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻيءَ کي واڌارو قرار ڏنو ويو ۽ صلاحڪارن کي گهرايو ويو ته اهي مشورو ڏين ته ڪيترو پاڻي نڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. IWT تحت پنجن وڏن ڊيمن جي اجازت ڏني وئي ته جيئن سنڌو نديءَ جي مکيه شاخن کي ڪنٽرول ڪري سگھجي. ملڪ جي ٻن وڏن ڊيمن منگلا ۽ تربيلا جن کي اڄ اسان آبپاشي نظام جي ريڙه جي هڏي سڏيون ٿا. آبپاشي نظام جي وڏن ڊيمن جي وهڪري ۽ ذخيري جو اندازو لڳائڻ لاءِ واپڊا 1975 کان 2010 تائين جي ڊيٽا جو جائزو ورتو، جنهن رپورٽ مطابق ڊيمن جي ڪارڪردگي ڪجهه بهتر هئي. ڊيٽا ڏيکاري ٿي ته اونهاري (خريف) ۾ سراسري طور 6.92 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو وڃي ٿو ۽ سياري (ربيع) ۾ اضافي آبپاشي لاءِ 6.77 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو. پر پوءِ به ڊيمن مان نڪرندڙ سمورو پاڻي اصل ۾ هاريءَ جي پوک تائين پهچي نه ٿو. دريائن ۾ 30 سيڪڙو، واهن ۾ 30 سيڪڙو ۽ واٽر ڪورسن ۾ 30 سيڪڙو انهن نقصانن جو مطلب اهو آهي ته تربيلا رزروائر ذريعي فارم گيٽ تي صرف 2.32 ايم اي ايف جي آبپاشي کي پورو ڪيو وڃي ٿو. آبپاشي شعبي ۾ سراسري سال ۾ استعمال ٿيندڙ 104 MAF سان ان جي مقابلي ۾ تربيلا جو حصو تمام گھٽ آهي ۽ ائين ئي منگلا به آهي. 2007 ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار ايڊوانسڊ ميڊيٽرينين ايگرونومڪ اسٽڊيز پاران شايع ٿيل هڪ مقالي ۾ 1940 کان 2003 تائين تاريخي ڊيٽا جي حوالي سان تربيلا رزروائر جي تعمير کان اڳ ۽ پوءِ سنڌو درياھ جي نظام ۾ ٿيندڙ نقصانن ۽ فائدن جو جائزو ورتو ويو، مطالعي مان معلوم ٿيو ته تربيلا ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ سنڌوءَ ۾ تربيلا کانپوءِ وارو نقصان 10.86 MAF مان وڌي 18.22 MAF ٿي ويو، خالص اضافي خسارو 7.36 MAF جيڪو تربيلا پاران ربيع جي موسم ۾ ڇڏڻ واري 6.77 MAF کان اڳ ۾ ئي وڌيڪ آهي. ٻين لفظن ۾ جڏهن تربيلا ڊيم نه ٺهيو هيو تڏهن هر سال 7.36 MAF وڌيڪ پاڻي ڪوٽڙي پهچي ويندو هيو. ساڳئي مطالعي ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته تربيلا کان اڳ واري سياري دوران درياھ تربيلا ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ اٽڪل 2.5 MAF اضافي پاڻي حاصل ڪندو ويندو هيو، بنيادي طور تي زميني پاڻي جي وهڪري سبب تربيلا کانپوءِ واري دور ۾ درياھ ساڳئي پهچ جي وچ ۾ اٽڪل 2.3 MAF پاڻي وڃائي ٿو يا ڪوٽڙي ۾ سياري جي مهينن ۾ پاڻي ۾ اٽڪل 4.8 MAF جو نقصان ٿئي ٿو. اهو ئي نقصان ربيع جي موسم ۾ سنڌوءَ جي 2.32 MAF کان وڌيڪ آهي، اهو پاڻي ڊيمن لاءِ ايترو ئي گهڻو آهي جيترو آبپاشي جي لاءِ.
1856 کان وٺي سنڌ پنجاب پاڻي جي تڪرار هيٺ آهن، پر آزاديءَ کانپوءِ پاڻي جي ورڇ تي پنجاب قابض رهندو آيو. انڊس روور سسٽم اٿارٽي جي 1991 جي ورهاڱي واري معاهدي جي ڪرانوليڪل ايڪسپوز موجب سنڌ پنجاب پاڻي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪميٽيون ۽ ڪميشنون ٺاهيون ويون، انهن ۾ 1968 جي اختر حسين ڪميٽي، 1970 جي فضل اڪبر ڪميٽي، 1976 جي انوار الحق ڪميشن، 1983 جي جسٽس حليم ڪميٽي وغيره شامل آهن. جنهن تحت صوبن کي مختص ڪيل حصو 2 ملين ايڪڙ فوٽ جي لڳ ڀڳ هيو. اڄ به 1991 واري معاهدي جي روشنيءَ ۾ صوبن جي وچ ۾ تڪراري ورهاست ساڳي ئي آهي. تربيلا مان 1975 کان 2010 تائين جي ڊيٽا ڏيکاري ٿي ته اپريل کان جون تائين ڊيمن ۾ سراسري طور 1.9 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي اچي ٿو. اتي اونهاري جو وهڪرو رڳو برف ڳرڻ مان ئي آهي، جيڪو خريف جي پوک جي موسم لاءِ خاص ڪري سنڌ ۾ انتهائي اهم زرعي ضرورت آهي، پر ڊيمن جي ڪري ان کوٽ کي برقرار رکيو وڃي ٿو. ڊيم مينوئل جيڪو ڊيم مئنيجر جو بائيبل آهي، چوي ٿو ته پاڻي ڀرڻ جو ڪم اونهاري جي وهڪري سان ئي شروع ٿيڻ گهرجي، سواءِ مون سون جو انتظار ڪرڻ جي، ان حقيقت جي باوجود ته مون سون جو وهڪرو ئي رزروائر کي ڀرڻ لاءِ ڪافي آهي. تربيلا ۽ منگلا گڏيل طور تي اونهاري جي شروعاتي وهڪري جي 3.5 کان 4 ايم اي ايف جي وچ ۾ رکيل آهن.
سنڌ جي شڪايت آهي ته اها پنجاب جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو پاڻي جي قلت جو شڪار آهي ۽ پنهنجي هارين لاءِ اضافي سپلاءِ جو مطالبو ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ پاڻيءَ جو وڌندڙ بحران ڪيترن ئي سالن کان پيدا ٿي رهيو آهي ۽ وڌندڙ ڳڻتي جو باعث آهي. ڪيترن ئي بين الاقوامي تحقيقاتي مطالعي جي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سنڌ جو زرعي بيلٽ 2050 تائين خشڪ ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته پاڻي جي کوٽ خطرناڪ سطح تي وڌي رهي آهي. وائيٽ هائوس جي هڪ نئين رپورٽ يو ايس ايڪشن پلان آن گلوبل واٽر سيڪيورٽي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سنڌ 2040 تائين ٻين علائقائي رياستن سان گڏ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ وارن خطن ۾ شامل ٿي ويندي، ۽ ملڪ بحران جي ويجهو اچي سگهي ٿو، جيڪا کوٽ خوراڪ، اقتصادي ۽ قومي سلامتي جي مسئلي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن رياست اصلاحي قدمن تي عمل نه ڪيو ته معاملا خراب ٿي سگهن ٿا.
ايندڙ نسلن لاءِ پاڻي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پهريون قدم 1991 واري معاهدي جو تفصيلي جائزو وٺڻو پوندو، جنهن ۾ پاڻي جو تحفظ، انتظام، ذخيرو ۽ استعمال جي حڪمت عملين کي شامل ڪيو وڃي. وڌندڙ پاڻي جي بحران جي پيچيدگي ۽ پيماني تي هڪ جواب جي ضرورت آهي، جيڪو وسيلن جي حقيقي دستيابي تي ٻڌل آهي ۽ اهو ڪنهن فرضي ڊيٽا تي ٻڌل ناهي. حڪمران اتحادي حڪومت مختلف صوبن ۽ علائقن جي نمائندگي ڪندڙ پنهنجي ميمبر سياسي پارٽين لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي ته هو هڪ نئون اتفاق راءِ حاصل ڪن، ته جيئن ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ خوراڪ ۽ اقتصادي سلامتي ۽ بين الصوبائي هم آهنگي جي خطرن کي ٽاري سگهجي.