۽ هاڻي ڌاڙيل لاش ڏيڻ تي به ڀُنگ گهرڻ لڳا!

تحرير: حسين آزاد

ميرپور بٺوري جو مظلوم پورهيت گلڻ ٺاراڻي کي ڌاڙيلن هٿان اذيتون ڏيئي ماري مائٽن کي لاش ڏيئڻ جي  لاءِ 50 لک روپين جي گهر ڪري ڇڏي آھي . گلڻ کي ڏيڍ مهينو اڳ  اغوا ڪيو ويو هو ۽ سندس اذيتن ڏيئڻ  واريون  وڊيو مائيٽن کي موڪليون ويون هيون پر گلڻ جا مائٽ غريب هئڻ ڪري ڀنگ ڀري نه سگهيا نه سندن ڪنهن حڪومتي نمائيدي واهر ڪئي .  هي سنڌ جيڪا ولين جي ڌرتي سڏي ويندي آهي ۽ ولين جن امن جو درس ڏنو ۽ ماڻھن کي ماڪوڙي مارڻ کان به منع ڪئي . ممڪن آھي ته ڪو ماضي ۾  اهڙو دور هجي جنهن ۾ اهي ڳالهيون سچ هجن .

پر هن وقت ڪير آھي جو ڌاڙيلن هٿان غريب پورهيتن جو اذيتون  ڏئي  ماري ڇڏڻ کان  پوءِ لاش ڏيئڻ تي به ڀنگ گهريو وڃي  پوءِ به امن جي ڌرتي ۽ ولين جي ڌرتي تي اعتبار ڪندو هجي. هن وقت سنڌ جي سرڪار انڌي ٻوڙي گونگي بڻيل آھي کين اغوا ٿيندڙ معصوم ٻارن تي به ڪهل نٿي اچي . جنهن مان صاف ظاهر آھي ته هو سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي پالنا ڪري رهيا آھين . سنڌ حڪومت  مظلوم پورهيت گلڻ ٺاراڻي جي قاتل آھي . نه صرف گلڻ جي پر ان کان اڳ ڪيترائي گلن جهڙن معصوم ٻارن ۽ بي گناھ ڌاڙيلن هٿان مارجندڙ سوين انساني جانين  جي قاتل آھي .سنڌ جي پوليس پر امن ماڻھن تي گوليون هلائي قتل ڪري ڇڏي ٿي پر هٿيار بند ڌاڙيلن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪريو ويٺي آھي . آخر ڪار ڌاڙيل حڪومت کان ڇو طاقت ور آھن ؟ڇا سردارن ڀوتارن جو اهيو ڪاروبار هئڻ ڪري سنڌ سرڪار ڌاڙيلن اڳيان بي وس آھي ؟ڇا سنڌ ۾ قبائيلت جي بقا لاءِ ڌاڙيل ڪلچر ضروري آھي ؟ ڇا عام ماڻھو کي سردارن ۽ ڀوتارن جو غلام بنائڻ لاءِ ڌاڙيلن جو هجڻ ضروري آھن ؟

 انهن سڀني سوالن جو جواب آھي  ها ۾ آھي.  پر حڪمرانو ٿورو ان پورهيت عوام جو احساس ڪريو جن توهان کي حڪمران بنايو آھي . توهان ڌاڙيلن کي ٻئي هندا ڪٿان پورت ڪريو يا عوام تي ڏاڙيل ٽيڪس به لڳايو ۽ ڌاڙيلن کي ڏيو پر معصوم ۽ بي وس ماڻھن جو ڌاڙيلن هٿان تڙپي تڙپي مارائڻ بند ڪريو . ماڻھن کي اغوا ڪرڻ ۽ ڀنگ وصول ڪرڻ  جي ڌنڌي ۾ سرڪاري سردارن کي ڪيترو نفعو ٿو پوي ، ڇاڪاڻ منافعي وارا ڌنڌا ٻيا به کوڙ آھن  پوءِ انهن معصومن ٻارن ۽ سنڌي سٻاجهڙن کي نيئرن ۾ هٿ پير ٻڌي  رات جي اونڌاھ ۾  جهنگ ۾ جبر ڪري  عزيزن ڏانهن رڙين  جو وڊيو اپ لوڊ ڪري ڇو  غريب مائيٽن کان ڀنگ وٺڻ جي ڌنڌي ۾ آھن . سنڌ  ته سموري مختلف ڌاڙيلن جي ور چڙھيل آھي اهي سرڪاري سيٽن تي وزير هجن يا نجي وڏيرن پيرن ۽ سردارن جي قبائيلي فوج هجي . هڪڙا ڏوهن جي دنيا ۾ ترجيح سرڪاري توڙي نجي عوامي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ طرف  رکن ٿا ته ٻيا وري عوامي بجيٽ تي  بڊي جي بکايل ڪانگ واري اک رکي آيل ادارن جي ترقي لاءِ مخصوص ڪيل پئيسن کي هڙپ ڪرڻ لاءِ ڪوڙن ووچرن تي انک اکر لکڻ  ۾  هجن ٿا .  سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ بدامني جي باھ  رڪجڻ جي ڪونهي  . پر حڪمرانو  ٿورو هانو ڏاريندڙ واقعن جو احساس ڪريو اهي واقعا انسانيت جي لڳن جا وار ڪانڊاريو ڇڏين ۽ انساني احساس مان ويساھ ئي ختم ٿي وڃي ٿو . پل کن جي لاءِ جي سوڇجي ٿو ته هڪڙو معصوم ٻار رهزن وحشي  ڌاڙيلن جي زنجيرن  ۾ رات جي اونڌاهي  ۾ ڪيئن نه خوف ڊپ ۾ تڙپندو هوندو ۽ ڇا ان جي ماء ۽ پي تان گذرندي هوندي؟ جڏهن ان کي ان جي ٻچي جي رڙين ۽ هاو ڏاريندڙ چيخن جو وڊيو ملنديو هجن . اهو احساس انهن دلين کي هوندو جن جا رشتيدار رهزنن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا آھن ۽ معصوم کي ڇڏائڻ لاءِ کين  ڀنگ جا پيسا  پنڻ تي به ڪير نه ڏيندو ھجي. اڳ اميرن کي مغوي بنايو ويندو هو هاڻ غريب مسڪين ۽ معصوم ٻارن کي اغوا ڪيو پيو وڃي.

  هن وقت سنڌ ۾ انسانيت جو احساس تڙپي تڙپي واهر لاءِ پڪاري رهيو آھي پر واهرو  بجاءِ واهر ڪرڻ جي ڏوھارين کي ڏوھ ڪرڻ لاءِ جهنگن ۾ ھٿيار ڏئي رهيا آھن جيڪو ويتر سنڌي مانهن جي ذھنن تي سرڪار جي وحشيت جو عڪس ڇڏي رهيو آھي ۽ ماڻھن جا ٻار ٻچا ڌاڙيلن جي اغوا جي ڊپ کان ڊپريشن ۾ مبتلا ۽ ذھيني مريض ٿي رهيا آھن . ڌاڙيل، جهنگ، رات جي اونداهي، نيئر، بک، اڄ، ۽  تشدد  اهيو تصور عام ماڻھو لاءِ عذاب بنجي ويو آھي . هر ڪو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آھي . آخر سنڌ سان ايئين ڇو آھي ؟    جڏهن ته سرڪار پرامن پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي استادن ۽ عام ماڻھو تي تشدد ڪرڻ تي ايئن ڊوڙندي اچي ٿي جيئن اسرائيل فلسطين تي بمباري ڪري ٿو يا جيئن ڪو سنگين ڏوهاري هجن . ٻئي طرف سنگين ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن تي سندن قانون ۽ غيرت جواب ڏيو ڇڏي اتي سندن نه قانون جو پاڻي ٿو چڙھي نه سرڪاري پوليس جي ڪا لٺ ٿي هلي  . ڌاڙيلن جو سر عام سوشل ميڊيا تي وڊيو جيڪي جاري ٿين ٿيو انهن ۾ خود ڌاڙيل هٿيارن سان عام واپاري توڙي ٻين شھرين کي ڀتي جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن ۽ ڪجهه ڌاڙيل ته پوليس خلاف سري عام چئي رهيا آھن ته هٿيار پوليس پنهنجي نگراني ۾ جهنگ جي ڌاڙيلن کي پهچائيندي آھي . هيڏو ظلم !  ڪشمور جيڪب آباد جهڙا ضلعا ته بنهي هاڻ نو گو ايريا بڻيل آھي پر پر امن ضلعو سجاول  جو شھر ميرپور بٺورو به محفوظ نه آھي .   عام فهم رکندڙ ماڻھو کي به  خبر آھي ته  طاقت ور سردار ۽ ڀوتار نٿا چاهين ته سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر ختم ٿئي ڇاڪاڻ سندن سرداري ۽ ڀوتارپئي ماڻھن تي ڏهڪائو، خوف ۽ رعبداري تي آھي ۽ سندن گهر ويٺي ڀنگ مان حصو پتي ڏنو وڃي ٿو ۽ موٽ ۾ هو رهزنن جي بچائو لاءِ بندوبست ڪندا رهن ٿا . ڏٺو وڃي ته سردان  ڌاڙيلن جي ڌنڌي کي هڪ انڊسٽري جي حيثيت ڏئي ڇڏي آھي، ڇاڪاڻ کين گهڻو منافعو ٿي رهيو آھي . انهي سڄي ظلم تي سنڌ سرڪار بي وس بڻيل آھي ڇاڪاڻ سردارن جي حمايت ۽ ووٽن تي بيٺل حڪومت کي خطرو آهي جي سردار ۽ ڀوتار هٿ ڪڍي ويا ته سرڪار جو پاسو ڪلٽي ٿي پوندو .  قبائليت  ۾ ڦاٿل غلام  ماڻھن ۽ سردارن واري سوچ کي ختم  ڪرڻ جي سنڌ سرڪار ۾ ڪا صلاحيت آھي نه ڪا  طاقت آھي ، نه ڪو سردارن کي ڪو رڪاوٽ جو خطرو آھي . پر رياست جو به ڪو فرض آھي ته ماڻھن جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ ، پ پ پ جي سرڪار اهيو ڇو احساس وساري ويٺي آھي، ته اسان کي اليڪشن ۾ وري عوام ڏانهن منهن ڪرڻو آھي . ڇا هميشه سردار ۽ ڀوتار کين ساٿ ڏيندا  اهو ممڪن ئي ڪو نهي . جڏهن پرويز مشرف جهڙو ڊڪٽيٽر آيو ته اهي سڀ ڀوتار ۽ سردار انهي جي هنج ۾ هوندا  ۽ ان وقت  سنڌي عوام به توهان  کي ڪو نه بخشيندي . انهي ڪري عوام لاءِ ڪجهه سوچيو ۽ ڌاڙيلن خلاف هڪ وڏو آپريشن ڪيو ۽ سنڌ جي معصوم ۽ بي گناھ پر امن ماڻھن کي ڌاڙيلن کان بچايو . ۽ رياست جي رٽ قائم ھئڻ جو احساس ڏياريو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.