هڪ روهينگيا ڪارڪن جي لفظن ۾: ”اسين ميانمار جي ڀيٽ ۾ ڪنهن به دوزخ ۾ خوشيءَ سان رهڻ لاءِ تيار آهيون.“اها ڳالهه ائين آهي، جيئن سوڊان ۾ اپريل 2023ع کان جاري گهرو ويڙهه، جنهن لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو، هزارين ماڻهن جي حياتيون ڳڙڪائي ويون، ۽ اجتماعي جنسي ڏاڍائي کي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو، تنهن جي عالمي ميڊيا جي لاءِ ڪا به فرنٽ لائن خبر نه بڻجي سگهي.
اهي الميا ته پنهنجو درد رکن ٿا، پر گذريل ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن به اقليت کي لاوارث، اڪيلُو ۽ وساريل چئي سگهجي ٿو ته اُها ميانمار جي روهينگيا آبادي آهي، جن مان اڪثر بنگلاديش جي سرحد پار ڪري اُتي قائم ڪيل ڪئمپن ۾ پناهه ورتي آهي.اقوام متحده جي ادارن خاص ڪري UNHCR ۽ مختلف فلاحي ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي تمام ڪوششن جي باوجود، انهن روهينگيا پناهگيرن جي زندگي هر نئين سال سان وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي.
بنگلاديش، شروعاتي طور تي، ميانمار سان لاڳاپيل چٽاگانگ ۽ ڪاڪِس بازار جي سرحدي علائقن ۾ انهن جي ميزباني ڪئي، پر حسينه واجد جي اڳواڻيءَ ۾ هلندڙ اڳوڻي حڪومت پنهنجي اقتدار جي آخري دور ۾ انهن ڪئمپن جي رهواسين کي بنگال جي سامونڊي ٻيٽن ٻن ويران ۽ غيرآباد جزيرن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي، جتي جي ماحول ۾ زنده رهڻ کان مرڻ وڌيڪ آسان لڳو.جيئن ته توقع هئي، تيئن ئي انهن ٻيٽن مان ڀڄي نڪتل روهينگيا پناهگيرن جون ڪشتيون نامعلوم منزلن ڏانهن وڃڻ دوران ٻڏڻ لڳيون. 28 مئي تي UNHCR تصديق ڪئي ته 9 ۽ 10 مئي تي ٻه ڪشتيون، جن ۾ 427 روهينگيا مرد، عورتون ۽ ٻار سوار هئا، خليج بنگال ۾ ميانمار جي ساحل ڀرسان ٻڏي ويون. فقط 87 ڄڻا زنده بچي سگهيا.
ڪڏهن به هڪ ئي حادثي ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ روهينگين جي موت جي خبر سامهون نه آئي هئي. اڃا تائين اها ڳالهه واضح ناهي ٿي سگهي ته اهي ماڻهو ميانمار مان ڀڄي آيل مهاجر هئا يا بنگلاديش جي ڪئمپن مان فرار ٿي سامونڊي سفر شروع ڪندڙ روهينگيا هئا.ياد رهي ته 2017ع ۾ ميانمار جي فوج ۽ سخت گير بدھ گروپن جي ظلمن کان بچڻ لاءِ سرحدي صوبي رخائن مان لکن جي انگ ۾ روهينگيا ماڻهو جبري طور لڏي بنگلاديش جا رستا وٺيا. اپريل 2025ع ۾ ميانمار حڪومت انهن مان فقط هڪ لک اسي هزار (1,80,000) پناهگيرن کي قانوني شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
باقي بنگله ديش حڪومت آخرڪار فيصلو ڪيو ته روهينگيا پناهگير ملڪ ڇڏين. پر انهن مان ڪو به واپس وڃڻ لاءِ تيار ناهي، ڇاڪاڻته سندن سڀ ڪجهه اڳ ئي کسي ويو آهي، ۽ جيڪڏهن ميانمار موٽيا به ته اتي وري انهيءَ دهشت ۽ ڊپ سان ڀرپور زندگي جي ور چڙهندا، جنهن کان بچڻ لاءِ اَٺ سال اڳ لڏپلاڻ ڪئي هئي.هڪ روهينگيا ڪارڪن جي لفظن ۾: ”اسين ميانمار جي ڀيٽ ۾ ڪنهن به دوزخ ۾ رهڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار آهيون.“هاڻي اهي پناهگير، جيڪي بنگلا ديش ۾ به خود کي غيرمحفوظ سمجهن ٿا، ڊپ ۽ ڊيپورٽيشن جي خوف کان اُتيان به ڀڄڻ لڳا آهن. ڪي خوش نصيب ماڻهن ٿائي لينڊ، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن تائين سمنڊ جي خطرناڪ سفر کانپوءِ پهچي وڃن ٿا، پر گهڻا رستو ئي وڃائي سمنڊ جي کوڙڪ بڻجي وڃن ٿا.
2018گذريل سالن ۾ ڪيترائي هزار روهينگيا ڀارت به پهتا. انهن مان گهڻن کي آسام ۽ ڄمون جي پناهگير ڪئمپن ۾ رکيو ويو، جتي اهي UNHCR سان رجسٽرڊ ٿيل آهن، ۽ سندن بنيادي سنڀال جا خرچ به عالمي تنظيمون کڻن ٿيون.تنهن هوندي به، گهڻن روهينگيا پناهگيرن کي شڪايت آهي ته ڀارتي حڪومت انهن کي ”بن بلائي مهمان“ تصور ڪري ٿي. ڀارتي ميڊيا، سندن مسلمان هجڻ جي بنياد تي، کين دهشتگرد طور پيش ڪرڻ جي سازش رچائي ٿي. پوليس به رشوت وٺڻ لاءِ انهن تي ڪوڙا ڪيس بڻائي، گرفتار به ڪري ٿي. سمورو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به طريقي سان روهينگيا هتيان نڪري وڃن.اهڙي پس منظر ۾، لڳ ڀڳ ڏيڍ مهينو اڳ، ڀارت مان هڪ اهڙي خبر آئي، جنهن UNHCR سميت انساني حقن جي عالمي ادارن کي ڌوڏي وڌو.
واقعو ڪجهه هن ريت هو: 6 مئي جي رات دير سان، دهلي پوليس ٽن علائقن مان لڳ ڀڳ 100 روهينگيا پناهگيرن کي وٺي وئي، ۽ کين ٻڌايو ويو ته صرف سندن فنگر پرنٽ وٺڻا آهن، پوءِ آزاد ڪيو ويندو. انهن ۾ عورتون، ٻار، بيمار ۽ پوڙها به شامل هئا، ۽ سڀ اقوامِ متحده جي پناهگيرن واري اداري ۾ رجسٽرڊ ٿيل هئا.اڳيان 24 ڪلاڪن تائين، بغير وارنٽ جي، انهن کي مختلف ٿاڻن ۾ رکيو ويو، ۽ ڪنهن به مجسٽريٽ آڏو پيش نه ڪيو ويو. پوءِ کين هڪ نظربندي مرڪز ۾ گڏ ڪيو ويو، فنگر پرنٽ ورتا ويا، ۽ انهن مان 38 ڄڻن جي اکيون ٻڌي، هٿڪڙيون ۽ بيڙيون ٻڌي، جهاز ذريعي انڊمان ٻيٽن جي راڄڌاني پورٽ بليئر منتقل ڪيو ويو.اتي کين بحريه جي هڪ ٻيڙيءَ تي منتقل ڪيو ويو، جتي کين مارڪٽ ڪئي وئي، ۽ ميانمار جي سامونڊي حدن ۾ لائيف جيڪٽون پائي، سمنڊ ۾ اڇلايو ويو. کين چيو ويو ته ”اسين اوهان کي انڊونيشيا جي سامونڊي حدن ۾ ڇڏيو پيا وڃون.“ڪجهه ماڻهو 12 ڪلاڪن تائين سمنڊ ۾ تڙپڻ کان پوءِ ڪناري تائين پهچي ويا، پر باقي جو ڇا ٿيو، اُها خبر اڃا تائين ڪنهن کي ناهي.اهو ئي آهي دنيا جي سڀ کان وساريل، ڀوڳيندڙ، پر خاموش اقليت جو داستان روهينگيا.
اڃا تائين ڌرتيءَ تي بار سڏيا وڃن ٿا. دهليءَ ۾ ٻن وڪيلن ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته روهينگيا پناهگيرن کي اغوا ڪري ملڪ بدر ڪرڻ وارو عمل نه رڳو غيرقانوني آهي، پر انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي کليل لتاڙ به آهي. انهن وڪيلن ڀارتي حڪومت کي به هن معاملي ۾ فريادي ڌر بڻايو آهي.درخواست ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته پناهگيرن کي خاموشي سان سمنڊ ۾ ڌڪيلڻ، عالمي سطح تي ملڪ بدري بابت موجود قاعدن ۽ ضابطن جي بي دريغي ڀڃڪڙي آهي، جيڪا ڪنهن به جمهوري يا انساني قدرن واري رياست لاءِ شرمناڪ هئڻ کپي.ان واقعي جي جاچ لاءِ اقوامِ متحده جا لاڳاپيل نمائندا پنهنجي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ ڪارروائيءَ ۾ لڳل آهن.اڃا تائين ته اسين اهو ٻڌندا آيا آهيون ته انساني اسمگلرَ، پنهنجن مفادن لاءِ، ماڻهوءَ کي سمنڊ جي وچ ۾ اڇلائين ٿا، پر هي پهريون دفعو آهي جو ڪنهن رياست پاڻ اهڙو وحشي عمل سرانجام ڏنو آهي.پر سوال اهو آهي: جيڪڏهن سڀ حقيقتون سامهون به اچي وڃن، ته ڇا ٿيندو؟ ڇا ڪنهن ضمير ۾ چڀ ٿيندو؟ ڇا ڪنهن حڪومت جو چهرو لڄ کان ڳاڙهو ٿيندو؟