اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت سرداري نظام ۽ سڃاڻپ دستاويزن جي تصديق بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته قبيلائي سردار سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل جي تصديق جا اهل ناهن.
جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ 12 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل باقاعدي قانون موجب جاري ڪيا ويندا آهن.
عدالت موجب سڃاڻپ دستاويزن جي تصديق لاءِ قانون ۾ رڳو مجاز اختيارين کي اختيار ڏنو ويو آهي، ڪنهن به قبيلائي سردار کي قانون کان هٽي ڪري تصديق جو اختيار نٿو ڏئي سگهجي.
قانون موجب سرداري نظام 1976ع ۾ ختم ٿي چڪو آهي، جڏهن ته قبيلن جو سرداري نظام رڳو علائقائي روايت آهي، جنهن کي ڪا قانوني حيثيت حاصل ناهي ۽ اهڙي روايت کي عدالت قبول نٿي ڪري سگهي.
عدالت وڌيڪ چيو ته درخواست ڏيندڙ متاثر ڌر ناهي، تنهن ڪري اپيل ٻڌڻ جوڳي ناهي، درخواست ڏيندڙ غلام علي موجب هو خروٽي قبيلي جو سردار آهي ۽ سندس چوڻ هو ته قبيلي جي ماڻهن لاءِ دستاويزن جي تصديق ڪرائڻ ناممڪن عمل آهي، جنهن سبب هو سڃاڻپ وارن دستاويزن کان محروم ٿي ويا آهن.
عدالت واضح ڪيو ته رڳو متاثر شخص ئي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اهل هوندو آهي.
بلوچستان جي خروٽي قبيلي جي سردار غلام علي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي.
You might also like