جيڪڏهن توهان گوگل ڪروم ويب برائوزر استعمال ڪريو ٿا ته ان کي ترت اپڊيٽ ڪري وٺو.
گوگل طرفان جڳ مشهور ويب برائوزر ۾ موجود ڪيترين ئي سيڪيورٽي خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ اپڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ 50 کان 60 سيڪڙو ماڻهو برائوزنگ لاءِ گوگل ڪروم کي ترجيح ڏيندا آهن، ان ڪري ان ۾ موجود سيڪيورٽي ڪمزوريون وڏو خطرو ثابت ٿي سگهن ٿيون.
گوگل ڪروم پاران نون ورجنز ۾ 30 سيڪيورٽي ڪمزوريون ختم ڪيون ويون آهن، جن مان چئن کي نهايت سنگين قرار ڏنو ويو هو، اهي سموريون خاميون گوگل جي ملازمن ئي دريافت ڪيون هيون.
ڪمپني موجب، 4 سيڪيورٽي ڪمزوريون سنگين هيون جنهن سبب سسٽم جا ڪيترائي پاسا متاثر ٿي سگهن پيون.
ڪروم برائوزر کي اپ ڊيٽ ڪيئن ڪجي؟
عام طور تي گوگل ڪروم پاڻمرادو اپ ڊيٽ ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته برائوزر اپ ڊيٽ ٿيو آهي يا نه ته ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪلڪ ڪري سيٽنگز ۾ وڃو.
اتي ”ابائوٽ ڪروم“ تي ڪلڪ ڪريو جيڪو پيج جي کاٻي پاسي سڀ کان هيٺ هوندو.
ان کان پوءِ گوگل ڪروم ٻڌائيندو ته برائوزر اپ ٽو ڊيٽ آهي يا نه، جيڪڏهن نه هوندو ته اهو اپ ڊيٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو.
ان کان پوءِ رڳو ري لانچ ڪرڻ سان ڪروم اپ ڊيٽ ٿي ويندو.