بنون ۽ اتر وزيرستان مان پوليو جا ٻه نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي علائقي بنون ۽ اتر وزيرستان مان پوليو جا ٻه ڪيس رپورٽ ٿي ويا.
اين آءِ ايڇ ليبارٽري اسلام آباد وائلڊ پوليو وائرس جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، 5 مهينن ۽ ٻن سالن جي ٻارڙي کي پوليو ٿيو آهي.
ٻه نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو ڪيسن جو انگ ٽي ٿي ويو آهي.
ان کان اڳ سال جو پهريون پوليو ڪيس سنڌ جي ضلعي سجاول مان رپورٽ ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.